18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: سن: قلندر جي پانڌيئڙن سان خوفناڪ  حادثي ۾ فوتين جو  انگ وڌي  9 ٿي ويو

Sann: Road accident with the tourists at Qalandar*سن   ويجهو   ڄامشوري  انڊس هاءِ وي تي قلندر جي پانڌيئڙن سان خوفناڪ  حادثي ۾ فوتين جو  انگ وڌي  9 ٿي ويو .

پيٽارو ٽول پلازا وٽ ڄامشورو سيوهڻ انڊس هاءِ وي روڊ تي تيز رفتار مزدا ۽ هاءِ روف وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو،

جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 9 ڀاتي فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

فوتين ۾ عبدالحميد، عبدالغني، دانش، غلام حسين، مشتاق احمد، زبير احمد، محمد حنيف، عمران ۽ اظهر علي ميمڻ ۽ زخمين ۾ شهباز، عبدالغني، دانيال ميمڻ شامل آهن.

مقتولن جا مڙهه خادمين سنڌ ، مانجھند ھاسپيٽل ،ايڌھي ايمبولنس ذريعي  ميمڻ ڳوٺ ڪراچي روانا ڪيا ويا َآهن……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٻهارا: جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان ريلي

*ٻهارا  ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان ريلي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے