20 منگل , نومبر 2018

نيوز: قاضي احمد: سردار ڪالوني جي رهواسڻ  جو پوليس تي گهڙ ۾ گهڙي  ٻارڙن کي کنڀڻ جو الزام

*Qazi Ahmed: Women accuse man on kidnapping her childrenقاضي احمد ۾ سردار ڪالوني جي رهواسڻ مبينا الزام هڻندي چيو آهي تھ اهلڪار  زبردستي سندن گهر ۾ گهڙي مٿن تشدد ڪري ٻھ ٻارڙا کنڀي کڻي وئي آهي.

سردار ڪالوني جي رهواسڻ فوزيھ بلوچ پريس ڪلب ۾ داهيندي چيو تھ گذريل رات دير سان 7کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زبردستي  هنن  جي گهر ۾ داخل ٿي  مٿن تشدد ڪيو.

 هن چيو تھ   پوليس تشدد بعد  زبردستي ٻ ٻارڙا  ٽن ورهين جو سندس پٽ عمير ۽ پنجن ورهين جي سندس ڀائٽي شاهين کي کنڀي کڻي وئي.

 هن وڌيڪ چيو ته  سندس ڀاءُ شاهنواز مڪراني جي شادي هن جي ڀاڄائي روبينا سان ٿيل هئي جنهن سندس ڀاءُ کان ڪورٽ ۾ طلاق ورتي.

فوزيھ بلوچ چيو تھ  شهر جي معزيزن حاجي خان لاکي فيصلو ڪندي مسمات روبينا جي ٻارن جي دعوا ختم ڪرائي هئي.

 هن فيصلو ڪيو هو تھ  جيڪو به اڳڀرائي ڪندو اها ڌر پنج لک روپيا ڏنڊ ادا ڪندي.

متاثر عورت ايس ايس پي شهيد بينظير آباد  ۽ ٻين وسوارن کان  مطالبو ڪيو تھ قاضي احمد پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس  پنهنجو پٽ موٽرائي ڏنو وڃي.

ٻئي پاسي قاضي احمد پوليس جي وڏي منشيءَ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هنن  سيشن ڪورٽ جي ليٽر نمبر 491 تحت ڪارروائي ڪئي آهي .

 هن چيو تھ  ٻارڙن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، ڪورٽ سڳوري جيڪو فيصلو ڪيو ان تي عمل ڪيو ويندو…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے