14 بدھ , نومبر 2018

عوام لاءِ خوشخبري، پيٽرول 2 رپيا ۽ ڊيزل 6 رپيا سستو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽرول في ليٽر 2.41 پيسا گهٽ ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب حڪومت پيٽرول جي صارفن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. مهانگائي کان بي حال عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن بعد هاڻ پيٽرول ٻه رپيا 41 پيسا گهٽ ٿيڻ بعد 92.83 رپيا فيليٽر ملندو جڏهن ته لائيٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 46 پيسا گهٽ ٿيڻ بعد 106 رپيا 57 پيسن تائين پهچائي وئي ان کان سواءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 37 پيسا گهٽ ڪئي وئي آهي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 46 پيسن جي لاٿ ڪئي وئي جنهن بعد نئين قيمت 83 رپيا 50 پيسا ٿي وئي جيڪا اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پي اين اي ۽ ڊي ڊبليو پاران ميڊيا اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽ ) ڪوئنسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز ۽ جرمن اداري ڊي ڊبليو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے