20 منگل , نومبر 2018

نيوز: نوابشاھ : سنڌ بار ڪائونسل  جي سڏ تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

Nawabshah: Sindh bar council celebrating black day*نوابشاھ  سنڌ بار ڪائونسل  جي سڏ تي نوابشاھ  بار ۾  هالينڊ پاران گستاخ خاڪا ٺاهڻ خلاف اڄ ڪارو ڏينھن  ڪري ملھايو پيو وڃي، وڪيل ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالتن ۾ پيش ٿيا.

 بار جي جنرل سيڪريٽري  علي رضا چني،  سينئير  وڪيل شھباز ڏاھري،  علي حسن لنڊ ۽ ٻين   چيو تھ   هالينڊ ۾ گستاخ  خاڪا ٺاهي نبي پاڪ جي شان ۾ گستاخي ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو تھ  پاڪستان  حڪومت کي فوري طور تي ھالينڊ سان پنھنجا سفارتي  تعلقات ختم ڪرڻ گھرجن ۽ انھن جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي.

وڪيل اڳواڻن چيو تھ ھالينڊ  پاران اھڙا گستاخ خاڪا ٺاھي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي  آهي.

ھنن مطالبو ڪيو ته گستاخ خاڪا ٺاهڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : عيد ميلاد النبي صه تي اميتاڀ بچن جو مداحن لاءِ خاص پيغام

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻ سڳورن جي ولادت جو ڏهاڙو سڀاڻي مذهبي عقيدت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے