18 اتوار , نومبر 2018

شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپو، شراب ۽ منشيات هٿ، ٻيهر جيل منتقل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ڪلفٽن ۾ قائم هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي ڪمري جو ڳجهو دورو ڪيو جنهن دوران مبينا طور شراب جون بوتلون، سگريٽ ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي، پوليس هڪ دفعو ٻيهر کيس جيل منتقل ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آمد کان اڳ ڪراچي جي ٻن اسپتالن ۾ اچتو ۽ ڳجهو دورو ڪري سياسي قيدين جي علاج بهاني قائم ڪيل وي وي آءِ پي وارڊ جو دورو ڪيو. چيف جسٽس ثاقب نثار سڀ کان پهريون خانگي اسپتال جي پهرين ماڙ تي قائم سب جيل قرار ڏنل اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ڪمري ۾ ويو جتي ڪابه ڊاڪٽر يا نرس نه هئا. اکين ڏٺن شاهدن موجب چيف جسٽس شرجيل انعام ميمڻ جي ڪمري ۾ ٽن منٽن تائين رهيو ۽ پ پ اڳواڻ جي علاج ۽ بيماري بابت سوال ڪيا. ذريعن موجب سرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون، سگريٽ ۽ منشيات هٿ ڪيا ويا جن کي عملي قبضي ۾ وٺي گاڏي ۾ منتقل ڪيو. چيف جسٽس ڳجهي نموني ڪراچي جي جناح اسپتال جي ڪارڊيو ويسڪولر شعبي جو دورو ڪيو جتي هن انور مجيد جي ڪمري ۽ سندس علاج ۽ بيمارين جو جائزو ورتو ۽ ڪجهه رڪارڊ به قبضي ۾ ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار جناح اسپتال جي خاص وارڊ جو دورو به ڪيو ۽ انور مجيد جي پت غني مجيد لاءِ مخصوص وارڊ جو معائنو ڪيو. غني مجيد جي ڪمري ۾ نه هئڻ تي پڇاڻي تي چيف جستس کي ٻڌايو ويو ته غني مجيد کي ايم آر آءِ ڪرائڻ لاءِ منتقل ڪيو پيو وڃي. شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپي کانپوءِ کيس هڪ دفعو ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس ڪمري کي سيل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ کي انجام تي پهچائينداسين: ڪي پي جو وڏو وزير

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے