14 بدھ , نومبر 2018

منهنجي ۽ صدر ممنون حسين وچ ۾ فرق سڀني کي نظر ايندو: عارف علوي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي نامزد صدارتي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي  چيو آهي ته مون  ۽ صدر ممنون حسين ۾ تمام گهڻو فرق آهي جيڪو عوام کي نظر ايندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته منهنجي ۽ صدر ممنون حسين ۾ وڏو فرق آهي، جيڪو عوام کي نظر ايندو. هن چيو ته صوبن ۾ ٻڌي قائم ڪرڻ صدر جي ذميواري آهي، صوبائي ڀائيچاري ۽ ٻڌي لاءِ عوام کي مطمئن ڪرڻ ضروري آهي، عمران خان جي حڪومت ۾ پاڪستان جو سٺو وقت شروع ٿي رهيو آهي، ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس پر مان رڳو ڪراچي جو صدر نه پر سموري ملڪ جو صدر هوندس. عارف علوي چيو ته مسلم ليگ ن ۽ ٻين پارٽين جي اسيمبلي ميمبرن به مون کي ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته چوڌري سرور گورنر جي عهدي جو قسم تنهن ڪري نه کنيو آهي جو مون کي ووٽ ڏيندو، گذريل رات آجياڻي ۾ پنجاب اسيمبلي جا ڪجهه ميمبر اڻٽر سببن جي ڪري نه اچي سگهيا، ڊاڪٽر عامر لياقت هجي يا فياض الحسن چوهاڻ سڀني جو پارٽي ۾ مقام آهي. هن چيو ته اسپيڪر پاران مسلم ليگ ن جي ٽن پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي قسم کڻڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي مان ڪا راءِ نه ٿو ڏئي سگهان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے