13 منگل , نومبر 2018

نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي جو فيصلو چئلينج

Throughout the country, freelance strikes continue in Chatha Jamaliاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف ٻڌڻي هيٺ ريفرنس کي ٻي عدالت منتقلي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرد جاويد اقبال پنهنجي درخواست ۾ نواز شريف ۽ احتساب عدالت جي جج کي ڌر بڻايو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نواز شريف خلاف ٽئي ريفرنس اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر هڪ ۾ داخل ڪيا ويا، ريفرنسز جي منتقلي بابت هاءِ ڪورٽ جو حڪم سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي واضح ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ ڪيس منتقلي جي درخواست ۾ ميرٽ جو جائزو نه ٿي وٺي سگهي، ڪيس جي منتقلي لاءِ اٿاريل نقطا قانون ۽ انصاف موجب نه هئا، نواز شريف پنهنجي دليلن ۾ جج محمد بشير کي تعصبي ثابت نه ڪري سگهيو، ڌرين ڪڏهن به ٽرائل ۾جج جي اڻ ڌري هئڻ تي اعتراض نه ڪيو، اعليٰ عدالتن ڪڏهن به گڏيل حقيقتن جي بنياد تي ڪيس جي منتقلي جو فيصلو نه ڪيو ڇو ته ڪيس ۾ شاهدي رڪارڊ ڪندڙ جج شهادتن کي بهتر سمجهي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے