16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: کپرو:  نارا ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش ٽن ڏينهن کان پوءِ  هٿ

Khipro: Dead body of small child found after three days*کپرو ويجهو  نارا ڪئنال ۾ ٻڌي ويل نينگري جو لاش ٽن ڏينهن جي ڳولا بعد  هٿ آيو آهي.

لوڻ کاڻ وٽ نارا ڪينال ۾ ٽي ڏينهن اڳ تيز پاڻي اڇل سبب ٻيڙي ۾ پاڻي پئجي ويو هو جنهن سبب ٻيڙي اونڌي ٿي وئي  هئي.

ٻيڙياونڌي ٿيڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ست گهر  ڀاتي ٻڏي ويا هئا جن مان 6 ڄڻن کي مقامي ماڻهن  موقعي تي  ئي بچائي ورتو هو.

ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب  10 سالن جي  نينگري رخسانه شيخ  لڙهي وئي هئي جنهن جو مڙهه مسلسل ٽن ڏينهن کان وارث پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوليندا رهيا  جيڪو  رات دير سان ملاح ڪالوني ويجهو پتڻ وٽ مليو آهي.

 نياڻي جو مڙه وارث اباڻي ڳوٺ  پنهون سميجو کڻائي ويا……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے