13 منگل , نومبر 2018

نيوز: اوٻاوڙو:  مغوين جي بازيابيءَ لاءِ  قومي شاهراهه تي ڌرڻو ، بازيابي جو مطالبو

Ubauro: Protest for the freedom of kidnapped individual*اوٻاوڙي ويجهو  کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان هڪ مهينو اڳ  اغوا ٿي ويل انڍر برادري جي نوجوانن جي بازيابي لاءِ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.

انڍر برادري جي ماڻهن سونو انڍڙ،  جهانگير لولائي عاشق سولنگي ، يوسي چيئر مين گل حسن مزاري جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو تھ ڌاڙيل سر عام هڪ ڪروڙ ڀنگ گهري رهيا آهن.

هنن چيو تھ هو مسڪين ۽ غريب ماڻهو آهن هو ايترا پئسا ڪٿان آڻن.

مظاهرين چيو تھ  نو جوانن کي ڀنگ نه ڏيڻ تي  کين  قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

مظاهرين سنڌ سرڪار ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي اغوا ٿيل نوجوانن کي آزاد ڪرايو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے