17 ہفتہ , نومبر 2018

ريلوي اختيارين مبينا ڪرپشن اسڪينڊلز انڪوائري لاءِ نيب کي خط لکي ڇڏيو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) ريلوي اختيارين اڳوڻي حڪومتي دور جي ڪجهه مبينا ڪرپشن اسڪينڊلز بابت انڪوائري لاءِ نيب کي خط لکي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ريلوي اختيارين اڳوڻي حڪومتي دور ۾ ڪجهه مبينا ڪرپشن اسڪينڊلز بابت نيب کي انڪوائري لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ الزام هنيو ويو آهي ته اڳوڻي حڪومتي دور ۾ ناقص ڪوالٽي جي 18 سئو هارس پاور ويگن هڪ طرفي بڊ ۾ خريد ڪيون ويون، ناقص ويگن جي خريداري جو ذميوار  سي ايم اي عدنان شفيع ۽ اي جي ايم عنصر خان آهي. 58 چيني لوڪو موٽو به سنگل بڊ ۾ خريد ڪيون ويون جنهن جي ذميواري سي ايم اي مبين الدين، طارق خان ۽ جي ايم ٽيڪنيڪل تي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي حڪومتي دور ۾ خريد ڪيل چيني انجڻين جي مرمت جو ڪم هڪ ٻي چيني ڪمپني کي ڏنو ويو، اهو ٺيڪو ڏيڻ ۾ موجوده ۽ اڳوڻو چيئرپرسن ملوث آهي. 30 مختلف ريلوي ٽيڪس ٽريڪس جي مرمت جو ٺيڪو 30 ارب رپين ۾ هڪ ئي ڪنٽريڪٽر وارث انٽرنيشنل کي ڏنو ويو، ان کان سواءِ ريلوي ۾ ڪجهه من پسند ماڻهن کي ڳري معاوضي ۽ مراعتن سان نوازيو ويو. نيب کي لکيل خط ۾ الزام هنيو ويو آهي ته ريلوي جاڪيترائي پلاٽس ليز تي آئل ڪمپنين ۽ بااثر ماڻهن کي ڀڳڻ مٺ تي وڪرو ڪيا ويا جڏهن ته خط ۾ آمريڪا مان خريد ڪيل 4 هزار هارس پاور جي 55 لوڪو موٽيو جو به ذڪر آهي، جن بابت چوڻ آهي ته اهي ٻيڻي اگهه تي خريد ڪيا ويا جڏهن ته اهي ئي لوڪو موٽيو ڀارت اڌ قيمت ۾ خريد ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے