16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ٻهارا : پ پ چيئرمين صوبائي وزيرن کي عوامي خدمتن جو ٽاسڪ ڏنو آهي: سعيد غني

Buhara: PPP chairman gave tasks to provincial ministers to serve audience: Saeed ghani*مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي تھ پاڪستان پيپلز پارٽي کي عوامي مينڊيٽ حاصل آهي، پ پ چيئرمين پاران عوامي خدمتن جو خاص ٽاسڪ صوبائي وزيرن کي ڏنو ويو آهي.

ٻهارا ۾ ڀگهياڙ هائوس ميرپور ساڪرو ۾ پ پ اڳواڻ عبدالغني ڀگهيار پاران مڪاني ادارن جي صوبائي وزير سعيد غني جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

آجياني جي تقريب ۾ صادق علي ميمڻ،  مشتاق ڀگهياڙ ،  اويس بجار خان جوکئي سميت ٻين اڳواڻن  شرڪت ڪئي.

پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي سعيد غني خطاب ڪندي چيو تھ صوبائي وزير هاڻي دورا ڪري پنهنجي کاتي جي ڪارگردگي جي رپورٽ جمع ڪرائيندو .

هن چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو جي خاص هدايتن تي سمورا وزير پنهنجن کاتن جي مڪمل نگراني ڪري ڪم ڪري رهيا آھن .

سندس چوڻ هو تھ بلاول ڀٽو زرداري پاران عوامي خدمتن جو خاص ٽاسڪ صوبائي وزيرن ۽ چونڊيل نمائيندن کي ڏنو ويو آھي  جيڪي غريب ماڻهن جي هر صورت ۾ بنا فرق جي خدمت ڪندا….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ننگر پارڪر: شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، رهواسي پريشان

ننگر پارڪر شهر ۾ ڏڪاري حالت سبب چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا جي بي ڌياني سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے