20 منگل , نومبر 2018

نيوز: سکر: جتوئي برادري ۽ شھيد ڀٽو جو بااثر بلڊر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو

Sukkur: Protest against Jatoi community and Shaheed Bhutto's influential builder*سکر ۾ جتوئي برادري شھيد ڀٽو جي  ڪارڪنن سان گڏجي  بااثر بلڊر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو.

جتوئي برادري ۽ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ياسين جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪالب آڏو احٽجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ياسين جتوئي ۽ ٻين چيو ته بااثر بلڊر   سندن   نوجوان جواڻ جتوئي کي پنھنجي ڏوھاري گارڊن ھٿان  قتل ڪرايو آھي جنھنجو ڪيس ايئر پورٽ ٿاڻي تي داخل ھئڻ باوجود ايس ايڇ او ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو تھ پوليس جوابدار کي گردفتار ڪرڻ بجاءِ الٽو کين  ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ پوليس سندن گهرن تي بنا جواز چڙهايون ڪري سندن نوجوان کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن.

هنن چيو تھ  باثر بلڊر   سندن  زمين تي قبضو ڪري اتان اٿارڻ گھري ٿو جنھن جي  پوليس وانگارو بڻيل آهي.

مظاهرين  اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  بااثر بلڊر کي گرفتار ڪري سندن ماڻهن کي آزاد ڪرايو وڃي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے