18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: بوزدار وڏا: بدامني چوٽ چڙهي وئي، چورن هٿان ڳوٺاڻو يرغمال، لکين رپيا ڦر

Bozdar wada: Badness Murdered, Rural Hurdles, Chuck Lines*بوزداروڏا  ويجهو بدامني چوٽ چڙهي وئي ، چور  هٿيارن جي زور تي ڳوٺ ٽمڪڙو ۾ ڳوٺاڻي کي يرغمال بڻائي لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

ٽالپروڏا چوڪي جي حد  ۾  ڳوٺ ٽمڪڙو ۾ 4 چار هٿيار بند هٿيارن جي زور تي گهر مالڪ اشرف علي شنباڻي جي گهر ڀاتين کي يرغمال ڪري زبردستي 8 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويا.

 گهر مالڪ اشرف شنباڻي پريس ڪلب پهچي دانهيو تھ  رات دير سان 4 هٿياربند سندس گهر ۾ گهڙي  ۾ گهڙي  هٿيارن جي زور تي 8 لک رپيا زبردستي کڻي فرار ٿي ويا  آهن.

هن الزام هنيو تھ  هٿيار بند شنباڻي برادري جا هئا جيڪي هنن سڃاتا آهن.

متاثر  چيو تھ  ٽالپروڏا چوڪي تي واقعي جو ڪيس  4 سڃاتل ماڻھن مٿان داخل ڪرايو آھي.

هوڏانهن اي ايس آءِ  شاهد رند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ  4 ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن مان نواز علي شنباڻي نالي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آھي ……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے