18 اتوار , نومبر 2018

جوهي چاولا پاڪستان جي مختصر دوري کانپوءِ دبئي رواني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا جوهي چاولا پاڪستان جي مختصر دوري کانپوءِ دبئي رواني ٿي وئي. جوهي چاولا ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي آئي هئي، جتي هوءَ ڀرپور نموني گُهمي ڦِري. اداڪارا ڪراچي ۾ پنهنجي موجودگيءَ جي حوالي سان ٽوئيٽر ذريعي چاهيندڙن کي آگاهي ڏيندي هڪ تصوير به جاري ڪئي هئي. جوهي چاولا چيو هو ته مان پاڪستاني فلم ”جواني ڦر نهين آني 2“ به ڏسنديس، جنهن ۾ هڪ ڀارتي ڇوڪري ۽ پاڪستاني ڇوڪري جي رومانوي ڪهاڻي ڏيکاري وئي آهي. جوهي چاولا اڄ ڪراچي کان دبئي لاءِ رواني ٿي وئي. ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مون کي پاڪستاني فلم ڏاڍي پسند آئي، ان سان گڏوگڏ هن پاڪستاني اداڪارن کي داد پڻ ڏنو. هن چيو ته مان پنهنجي مائٽن سان ملڻ آئي هيس، تنهن ڪري ڪنهن کي وقت نه ڏئي سگهيس. ان موقعي تي جوهي چاولا پاڪستاني کاڌن جي به تعريف ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پشاور ۾ ٻن عورت ايم پي ايز جو چالان

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي پوليس قانون جي ڀڃڪڙي تي ٻن عورت اسيمبلي ميمبرز جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے