13 جمعرات , دسمبر 2018

نيوز:سجاول: سنڌ جي اسپتالن کي مثالي بڻايو ويندو : عذرا پيچوهو

Sijawal: Decorating: The hospitals of Sindh will be made as follows: Take excuse*صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته  پ پ چيئرمين جي صحت جي سڌاري ۽ واڌاري واري ويزن تحت سنڌ جي اسپتالن کي مثالي ۽ عوامي خدمت جا ادارا بڻايو ويندو.

سجاول تعلقي اسپتال جي دوري دواري ميڊيا سان ڳالهائيندي عذرا پيچوهو چيو ته مختلف اسپتالن ۾ موجود مسئلا ڄاڻڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ دورا ڪري پ پ چيئرمين جي ويزن تحت مثالي اسپتالون بڻايون وينديون.

هن چيو ته سنڌ جون اسپتالون اين جي اوز حوالي ڪرڻ سان ڪافي سڌارو آيو آھي ۽ اسپتالن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون.

سندس چوڻ هو ته امن پيپلز ايمبولينس سروس انقلابي قدم آھي، سنڌ جي ڪجهھ ضلعن ۾ ڪاميابي بعد  ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ ايمبوليس سروس شروع ڪرڻ لاء ڪوششون جاري آهن.

عذرا پيچوهو چيو ته سجاول تعلقي اسپتال ۾ سهولتون ڏئي اسپتال کي ضلعي جو درجو ڏنو ويندو، جنهن ۾ اين آءِ سي وي ڊي،   ايس آءِ يو ٽي ۽ ٿيليسيميا جا يونٽ جوڙيا ويندا…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے