18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: دادو جي شگر مل ٻن سالن جي ڪمند جي قيمت ادا نھ پئي ڪري: ڪوٽڙي واسي

Hyderabad: The sugar mill mill of Dadu could not be paid for two years of work: Kotri*حيدرآباد ۾ ڪوٽري جي رهواسي پريس ڪلب پهچي الزام مڙهيو آهي تھ دادو جي شگر مل ٻن سالن جي ڪمند جي قيمت ادا نھ پئي ڪري.

امان الله انصاري پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته دادو لڳ پيارو ڳوٺ ۾ شگر مل جي انتظاميه رهيل ٻن سالن جي ڪمند جي قيمت ادا نه ڪري رهي آهي.

 هن چيو ته 2016 ۽ 2017 ۾ مِل کي ڏنل ڪمند جي ٽوٽل رقم 2 لک 22 هزار 728 روپيه مل ڏانهن رهن ٿا

متاثر چيو تھ مل انتظاميه ٻن سالن کان کيس پئسا ڏيڻ جا صرف دلاسا ڏئي رهي آهي پر هن وقت تائين کيس رپيو بھ نھ ڏنو ويو آهي.

 هن چيو ته هو دِل جو مريض آهي جنهن جي علاج لاءِ پئسن جي سخت ضرورت آهي .

متاثر سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽيس وٺي کيس رهيل رقم ڏياري ساڻس انصاف ڪيو وڃي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے