17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ميرپور بٺورو: ورو شاھه پاڙي جي رھواسين جو صفائي نھ ٿيڻ خلاف احتجاج

Mirpur Bathoro: The Bhari Shah, the protest against the absence of vacuum of the palace*ميرپوربٺوري  شھر جي ورو شاھه پاڙي جي رھواسين صفائي نھ ٿيڻ خلاف ٽائون چيئرمين خلاف احتجاجي مطاهرو ڪيو.

شهرين گل حسن ٻاگھل ،  آدم ملاح ، ڪانڊيرو ملاح ، نظام ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو تھ   ورو شاھ محلي ۾ گذريل ڪيترن ئي مھينن کان صفائي نه ٿيڻ سبب گند ڪچري جا ڍير گڏ ٿي ويا آھن.

هنن چيو تھ  نالين جو بدبودار پاڻي گھٽين ۽ گھرن اڳيان بيھي ويو آھي جنهن سبب ڪيترن ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي.

شهرين چيو تھ  گندگي پکڙجڻ ۽ بدبودار پاڻي بيھڻ سبب پاڙي  ۾ مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن.

هنن چيو تھ ڪيترائي ڀيرا ٽائون چيئرمين کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪوبھ صفائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

شهرين چيو تھ پاري ۾  صفائي نه ڪرائڻ کان سواءِ  ترقياتي ڪمن ۾ به مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آھي.

هنن  مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني کان مطالبو ڪيو تھ  نوٽيس وٺي صفائي ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪلين سٽي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران شھر اندر صفائي نھ ڪرائڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي ميمبر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے