18 اتوار , نومبر 2018

دبئي مان پاڪستانين جا اثاثا موٽائڻ لاءِ ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستانين جي پرڏيهه ۾ اثاثن جو معاملو ڏسندڙ ڪميٽي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن موجب سڀ کان اڳ دبئي مان اثاثا واپس آڻڻ لاءِ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ پاڪستانين جا ٻاهرين ملڪ اثاثا واپس آڻڻ جي معاملي تي اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي جا ٽي او آر پيش ڪيا ويا. رپورٽ موجب ڪميٽي سڀ کان اڳ دبئي مان پاڪستانين جا اثاثا واپس آڻڻ لاءِ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ ايف آءِ اي، ايف بي آر ۽ نيب تي ٻڌل جوائنٽ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جي رپورٽ موجب ايف آءِ اي وٽ گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستانين جي اثاثن بابت گهڻي ڄاڻ آهي ۽ ڪميٽي سڀ کان پهريان دبئي مان پاڪستانين جا ثاثا موٽائڻ لاءِ ڪم ڪندي. ڪميٽي برطانيا ۾ پاڪستانين جي اثاثن تي ايف بي آر وٽ ڄاڻ جو به جائزو وٺندي ۽ جوائنٽ ٽاسڪ فورس ٻاهرين ملڪ اثاثا رکندڙن کي طلب ڪندي. جوائنٽ ٽاسڪ فورس ۾ پيش نه ٿيندڙن جا نالا مناسب قدمن لاءِ سپريم ڪورٽ کي ڏنا ويندا، جڏهن ته پيش ٿيندڙن کان پرڏيهي اثاثن تي حلفي بيان ورتو ويندو.  رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميٽي ۾ پرڏيهي اثاثن جي ملڪيت تفصيل ڪندڙن کان مني ٽريل گهري ويندي پر حلفي بيان ۾ پرڏيهي اثاثن کان انڪار تي مناسب ڪارروائي جي سفارش ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب پرڏيهي اثاثن جي مني ٽريل پيش نه ڪرڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اثاثا ضبط ڪندا، جڏهن ته ڪميٽي پنهنجي رپورٽ هر مهيني سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي. جي ٽي ايف قومي ادارن کان ڄاڻ وٺڻ سان گڏوگڏ ٻاهرين ملڪ رابطو ڪري سگهندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے