21 بدھ , نومبر 2018

ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم جو اعلان، ورات ڪوهلي ٻاهر

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ مهيني ٿيندڙ ايشيا ڪپ لاءِ 16 رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪپتان ورات ڪوهلي کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بي سي سي آءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ٽورنامينٽ لاءِ روهت شرما کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، اڳوڻو ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني به 16 رڪني اسڪواڊ جو حصو هوندو، جڏهن ته نائب ڪپتاني جا فرض شيکر ڌون انجام ڏيندو. ڀارتي اسڪواڊ ۾ روهت شرما (ڪپتان)، شيکر ڌون (نائب ڪپتان)، لوڪيش راهول، امباتي رائيدو، منيش پانڊي، ڪيدر جاڌو، مهيندرا سنگهه ڌوني، دنيش ڪارٿڪ، ڀونيشور ڪمار، ڪلديپ يادو، يزويندرا چاهل، اڪشر پٽيل، شردُل ٺاڪر، هرديڪ پانڊيا، جسپريت بمرا ۽ خليل احمد شامل آهن. انگلينڊ خلاف ون ڊي ميچن جي سيريز جو حصو رهندڙ ڪپتان ورات ڪوهلي سميت شرياس آئير، سڌارٿ ڪول، سريش رائنا ۽ اميش يادو کي ٽيم ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے