17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ڏهرڪي : شادي جي تاريخ ٻَڌڻ لاءِ ويل والد ۽ چاچي  تي تشدد خلاف نوجوان جو ماءُ سميت احتجاج

Dehraki: In protest with the mother of a teenage against violence against father and uncle, to listen to the history of marriage*ڏهرڪي ۾ شادي جي تاريخ ٻَڌڻ لاءِ ويل والد ۽ چاچي  تي تشدد خلاف نوجوان ماءُ سميت انصاف لاءِ پريس ڪلب پهتو.

ڳوٺ عبد الله راڄڙي جي رهواسي نوجوان وقار لغاري پنهنجي امڙ حميدان لغاري سان گڏ پريس ڪلب پهچي والد ۽ چاچي تي تشدد خلاف دانهيو.

نوجوان جو چوڻ هو ته سندس والد ويجهي مائٽ عزيز سلطان کان سڱ ورتو هو، چاچو ۽ والد شادي جي تاريخ ٻَڌڻ لاءِ ويا ته کين سلطان سميت ٻين تشدد جو نشانو بڻائي ڪارنهن جو الزام هنيو آهي.

هن چيو ته سڱ ڏيڻ بدران سندس والد ۽ چاچي تي تشدد ڪري مٿن ڪارنهن تهمت مڙهي ڪيس داخل ڪرائڻ ويا، پر پوليس مخالف ڌر جو ڪيس داخل نه ڪيو.

نوجوان ۽ سندس امڙ اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪن……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے