14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ميرپور خاص: ٿر واسين پاران 5 بئراجي ديهن کي آفت سٽيل قرار نه ڏيڻ خلاف احتجاج

Mirpur Khas: desalination byrajy 5 dehs disaster relief not to protest against*ميرپور خاص ۾ ٿر واسين پاران پاران 5 بئراجي ديهن کي آفت سٽيل قرار نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو نئون ڪوٽ، سيڙهي ۽ وسائي پوٽا سميت ٻين ديهن جي رهواسين نظر محمد، موهن ميگهواڙ ۽ جمال گرگيز سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪلوئي تعلقي کي آفت سٽيل قرار نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته وڏي وزير ٿرپارڪر  ضلعي  جي هڪ سئو 67 ديھن  کي آفت سٽيل  قرار ڏنو آهي، پر ڪلوئي  تعلقي جي پنج بئراجي ديھن  کي آفت سٽيل قرار نـ ڏنو.

هنن چيو ته پاڻي جي لڳاتار کوٽ سبب بئراجي علائقن جا ٿر جھڙا حال ٿي ويان آهن ، ۽ رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

رهواسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪلوئي تعلقي جي 5 بئراجي ديهن کي آفت سٽيل قرار ڏئي رليف ڏين….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے