18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ميرپور بٺوري ڀرسان اڍائي سال اڳ اڏايل پُل ناقص سامان استعمال ڪرڻ سبب ڌماڪي سان ڊهي پئي

Mirpur bathoro: years ago, near Mirpur , the building bridge stuck due to poor equipment*ميرپور بٺوري ڀرسان اڍائي سال اڳ اڏايل پُل ناقص سامان استعمال ڪرڻ سبب ڌماڪي سان ڊهي پئي.

ڳوٺ ٻُڍو خان جتوئي ڀرسان گنج بحر ڪئنال تي اڍائي سال اڳ اڏايل پل ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب اوچتو ڌماڪي سان ڊھي پئي، جنهن سبب مختلف ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو.

پُل ڊهڻ بعد آبپاشي کاتي جي عملدارن پل جو ملبو ھٽائڻ بدران پاڻي ۾ لاٿ آڻي گنج بحر ڪئنال مان نڪرندڙ سمورن شاخن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي.

هوڏانهن ڳوٺ ٻڍو خان جتوئي جي  ٻُڍو جتوئي، ثناالله جلالاڻي ۽ الھبچايو جتوئي سميت ٻين رهواسين پُل ۾ ناقص سامان استعمال ڪرڻ تي ٺيڪيدار خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سهولت خاطر اڍائي سال اڳ لکين رپين جي ماليت سان هڪ وڏي پل جي نئين سر اڏاوت ڪرائي وئي، پر ناقص سامان جي استعمال سبب  پُل ڊهي ڪِري پئي آهي.

هنن چيو ته پل ڊھڻ سبب مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستو بند ٿي ويو آھي، جنهن سبب کين ڏکيايون ٿي رهيون آهن.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري نئين پل ٺھرائي ڳوٺاڻن جي پريشاني ختم ڪن…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے