15 جمعرات , نومبر 2018

اصل هيرو ليکڪ هوندا آهن: سونم ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سونم ڪپور ليکڪن کي اصل هيرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي تازي بيان ۾ سونم ڪپور جو چوڻ هو ته حقيقي هيرو ليکڪ ۽ ٽيڪنيڪي ڪم ڪندڙ هوندا آهن، جڏهن ته ليکڪ فلم لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته اداڪار اسڪرين تي اچي عوام کي تفريح فراهم ڪندو آهي پر جيڪو ڪم اسڪرين جي پويان هوندو آهي، اهو به وڏي اهميت رکي ٿو. واضح رهي ته سونم ڪپور آخري ڀيرو فلم ”سنجو“ ۾ نظر آئي هئي، جڏهن ته سندس ايندڙ فلم ”ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا“ آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پيءُ انيل ڪپور سان گڏ نظر ايندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shah Rukh Khan's "wardrobe" is bigger than my house: Amir Khan

شاهه رخ خان جي“الماڙي” منهنجي گهر کان وڏي آهي: عامر خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان شاهه رخ خان کي پاڻ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے