16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: گاجي کهاوڙ: چنه برادري پاران سيد برادري جي زيادتين خلاف احتجاج

Gaaji Kahwar: The protest against the massacres of the community by the community*گاجي کهاوڙ ۾ چنه برادري پاران سيد برادري جي ظلمن ۽ زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو  .

غلام شبير چني، اظهر چني،پير بخش چني، پرويزچني، عمران چني، محمد ڏتل چني، عمران چني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چنا برادري جي ماڻهن نصيرآباد، وارهه ، ميهڙ  روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو .

ان موقعي تي چنا برادري جي ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام مڙهيندي  چيو ته  پ پ ٽائون صدر ۽ سندس ڀائر سندن  زمينن، پلاٽن ۽ گهرن تي قبضا ڪري کين قتل جون  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

مظاهرين وڌيڪ  چيو ته گاجي کهاوڙ ٿاڻي جي پوليس ونگار وهندي سندن دانهن نه ٿي ٻڌي، جڏهن ته ابتڙ سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.

هنن چيو ته سندن  زمين سروي نمبر 244 ديھه گاجي کهاوڙ جو پاڻي  به بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  سالن کان وٺي ان ئي پيچ مان و  پاڻي پيئندا  آهن پر  هاڻي ٽائون صدر ۽ انجا ڀائر کين ڌمڪيون ڏئي قبضو ڪري ڇڏيو آهي.

چنا برادري پ پ پ جي قيادت، ڊي سي قمبر ۽ ايس ايس ايس پي قمبر شداد ڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته  سندن زمين، گهرن  ۽  پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائي ملوث  شاهه برادري خلاف قانوني ڪارروائي ڪري  کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻِي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ٺٽو: ٽرالر۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ فوت ، هڪ زخمي

*ٺٽي ويجهو موٽر سائيڪل کي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے