18 اتوار , نومبر 2018

موقعو مليو ته ڪرينا ڪپور سان شادي ڪندس: ڪرن جوهر

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي فلمن جي ناليواري هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ڪرن جوهر چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي موقعو مليو ته ڪرينا ڪپور خان شان شادي ڪرڻ چاهيندس. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ چيٽ شو دوران ڪرن جوهر پنهنجي زندگي جي باري ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون. شو جي ميزبان جڏهن ان کان پڇيو ته جيڪڏهن توهان کي ڪنهن بالي ووڊ اداڪارا سان شادي ڪرڻ جو موقعو ملي ته توهان ڪنهن سان شادي ڪرڻ چاهيندو، ان جي جواب ۾ ڪرن جوهر فوري طور تي جواب ڏيندي چيو ته هو ڪرينا ڪپور خان سان شادي ڪرڻ چاهيندو. واضح رهي ته ڪرن جوهر ۽ ڪرينا ڪپور خان جي دوستي سڄي بالي ووڊ ۾ مشهور آهي، ڪرينا ڪپور ڪرن جوهر جي ايندڙ فلم ”تخت“ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے