19 پیر , نومبر 2018

پنجاب ۾ بدعنواني جو خاتمو سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ بدعنواني جو خاتمو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. پنجاب ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ساراهه جوڳي هجڻ گهرجي، ڪابينا ميمبر بدعنوانين تي نشاندهي کي پنهنجي پهرين ترجيح بڻائين. ملاقات دوران وزيراعظم پنجاب ۾ زمينن تي قبضي ۽ حد دخلين تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ان ۾ مافياز ۽ وڏا گروپ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڏي وزير عثمان بوزدار کي هدايت ڪئي ته پنجاب ۾ حد دخلين خلاف فوري طور مهم شروع ڪئي وڃي، زمينن تي قبضو ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، ان ڏس ۾ صوبائي حڪومت جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. عمران خان چيو ته سادگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پنجاب ڪابينا جا ميمبر ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو بچائيندي مثال قائم ڪن، اسان کي پنهنجا خرچ محدود ڪري انساني ترقي تي سيڙپڪاري ڪرڻي آهي، خطي ۾ پاڪستان جو هيومن دولپمينٽ انڊيڪس سڀ کان گهٽ آهي. هن پنجاب ڪابينا ميمبرن کي هدايت ڪئي ته 100 ڏينهن جي ايجنڊي تي عمل لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪيو وڃي، پنجاب جو دورو ڪندو رهندس ۽ 100 ڏينهن جي ايجنڊي جو جائزو وٺندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي شهيد پوليس آفيسر طاهر داوڙ جي پونئيرن سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ قتل ٿيل ڪي پي پوليس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے