15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: جهڏو: پڇڙي جي آبادگارن جو ايس ڊي او جي بدلي خلاف احتجاج

Jhudo: End of St. growers protest against conversion of DVD ISO*جهڏي ۾ پڇڙي جي آبادگارن پاران ايس ڊي او بدلي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پوڇڙي جي شاخ سانگي مائنر  جي آبادگارن برڪت، گلزار ۽ رحيم سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي او ذوالفقار لاشاري جي جبري بدلي خلاف احتجاج ڪيو.

آبادگارن جو چوڻ هو ته ايس ڊي او ذوالفقار لاشاري پاڻي چوري بند ڪرائي ۽ پاڻي فراهمي ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي معاشي نقصان کان بچايو.

هنن چيو ته ايماندار آفيسر کي بااثرن بدلي ڪرايو آهي، اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

سندن چوڻ هو ته سانگي شاخ کي 25 آر ڊي تائين شاخ جي لائينگ جو ڪم منظور ٿيل آهي، جنهن لاءِ سامان جي به فراهمي ٿيل آهن، پر اڃا تائين ڪم شروع ناهي ٿيو.

آبادگارن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او جي بدلي روڪي، شاخ جي لائينگ جو ڪم بنا دير شروع ڪرائين، نه ته احتجاجي دائرو وڌائيندا….

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے