18 اتوار , نومبر 2018

اعتزاز احسن پ پ جو سرمايو آهي، کيس مخالف به ووٽ ڏيندا: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صدارتي اميدوار کي آصف زرداري نامزد ڪيو آهي، اعتزاز احسن پ پ جو سرمايو آهي، مخالف به کيس ووٽ ڏيندا. پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت طرفان صدارتي اميدوار اعتزاز احسن جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون اميدوار به اعتزاز احسن ئي آهي، ڇو ته هو شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ جون پاڙون عوام ۾ آهن، جيڪي هر ڏينهن مضبوط ٿي رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے