18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان : شهناز قتل ڪيس جي مک جوابدار جي آزادي لاءِ احتجاج

Tando Mohammad Khan: A protest to protest the case of Shabaz murder case*ٽنڊي محمد خان ۾ شهناز قتل ڪيس جي مک جوابدار جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو مقتولا شهناز جي قتل ۾ ملوث سندس مڙس نسيم ملاح، سندس پيءُ ۽ ڀاءُ جي آزادي لاءِ ماءُ، ڀينرن ۽ ٻارڙن احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي وارثن الزام هنيو ته مقتول شهناز ملاح جا ڀائر ۽ وارث کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن چيو ته شهناز قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ڄاڻايل نسيم کي بنا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي، پر سندس پيءُ بچو ملاح ۽ ڀاءُ نويد کي به بي گناهه گرفتار ڪيو ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته 3 ڏينهن گذري ويا آهن، پر نسيم ملاح سان گڏ سندس پيءُ ۽ ڀاءُ لاڪپ آهن، کين آزاد نٿو ڪيو وڃي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل نسيم ۽ سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کي آزاد ڪن….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے