20 منگل , نومبر 2018

چيف جسٽس جي کليل عدالت، گم ٿيل ماڻهن، پراپرٽي تي قبضي ۽ ٻين معاملن تي ٻڌڻي

The order of the arrest of the PTI's newly elected MPA Nadim Abbas Bara by the Chief Justiceڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار کليل عدالت لڳائي گم ٿيل ماڻهن، ملڪيتن تي قبضي، پينشن ۽ ٻين مسئلن تي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس کليل عدالت لڳائي ڪيترن ئي اهم معاملن تي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران هن سپريم ڪورٽ ٻاهران موجود ماڻهن کي اندر طلب ڪيو. گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواست گذارن دانهن ڪئي ته اسان ڏاڍا پريشان آهيون، سيڪيورٽي ادارا سهڪار نه پيا ڪن، اسان جي ماڻهن کي ڪيتري ئي عرصي کان گم ڪيو ويو آهي، جيڪي اڃا تائين آزاد ناهن ٿيا. هڪ عورت روئيندي چيو ته منهنجو مڙس ڪيترن ئي سالن کان گم آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو توهان روئڻ بند ڪيو ۽ مون کي تفصيل ٻڌايو ته ڪجهه ڪري سگهان. ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان مسنگ پرسن ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، ڪميشن اسان سان گڏجاڻي به ڪئي، 55 کان وڌيڪ ماڻهن جي گهر ڀاتين جو معاملو مسنگ پرسن ڪميشن کي ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته مسنگ پرسن ڪميشن ۾ اعليٰ آفيسر پاڻ مانيٽر ڪري رهيا آهن، مون کي يقين آهي ته گم ٿيل آزاد ٿي ويندا، چيف جسٽس مسنگ پرسن ڪميشن ۾ سمورن گم ٿيل ماڻهن جا نالا موڪلڻ جو به حڪم جاري ڪيو. چيف جسٽس ٻين معاملن تي به ٻڌڻي ڪئي. پراپرٽي تي قبضي جي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي هن ڪيترن ئي ماڻهن جي گهرن تي قبضي جو معاملو لاڳاپيل ادارن کي موڪليندي کين حڪم ڏنو ته پراپرٽي تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. کليل عدالت ۾ هڪ شاگرد دانهن ڪئي ته ڪراچي يونيورسٽي منهنجي ڊگري ايوارڊ نه پئي ڪري، چيف جسٽس ڪراچي يونيورسٽي جي لاڳاپيل آفيسرن کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. هڪ عورت دانهن ڪئي ته مان ٽيچر آهيان، 15 ڏينهن جي موڪل تي هيس ته بنا ٻڌائي معطل ڪيو ويو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا توهان بنا ٻڌائڻ جي موڪل ڪيو ته آفيسر ايڪشن کڻندا. ان دوران پينشن جي ڪيس جي ٻه ٻڌڻي ٿي. درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو ته کين ڪيترن ئي مهينن کان پينشن نه پئي ڏني وڃي، چيف جسٽس لاڳاپيل ادارن کان پينشن بابت جواب گهري ورتو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے