14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي : حيدرآباد واسڻ ناري جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف وارثن جو ڌرڻو

Kotri: Heirs of inheritance against Hyderabad should not be inherited against the post of martial law*ڪوٽڙي ۾ حيدرآباد واسڻ ناري جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

قاسم آباد واسڻ ناري عاشه سولنگي جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف غلام قادر، قادر بخش ۽ ٻين وارثن قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو.

ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته 10 ڪلاڪن تائين پوسٽ مارٽم لاءِ ناري جو لاش رلايو، پر انتظاميه ڪو به تحرڪ نه ورتو.

هنن چيو ته هو صبح کان اسپتال جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، اسپتال انتظاميه پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هنن الزام هنيو ته ناري ٻڏي فوت ناهي ٿي،  ويڳي پيءُ بادل لاشاري ناري کي قتل ڪري ڊرامو رچايو، ناري جي ڏيڍ مهينو اڳ شادي ٿي هئي، کيس قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.

ناري جي وارثن مطالبو ڪيو ته ناري جو پوسٽ مارٽم ڪيو وڃي ته جيئن واقعي جي اصل حقيقت سامهون اچي.

هوڏانهن ناري جي ساهرن جي درخواست تي پوليس الزام هيٺ آيل ناري جي ويڳي پيءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:غوثپور: ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

*غوثپور شهر ۾ ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے