16 جمعہ , نومبر 2018

آمريڪا پاڪستان جي 30 ڪروڙ ڊالر امداد روڪي ڇڏي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا پاڪستان تي دهشتگردن خلاف مضبوط ڪارروائي نه ڪرڻ جو الزام هڻندي 30 ڪروڙ ڊالر جي امداد روڪي ڇڏي آهي. پينٽاگون جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي،  جنهن کي نظر ۾ رکندي 30 ڪروڙ ڊالر جي امدادي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته امداد روڪڻ جو فيصلو آمريڪي بچاءَ واري وزير جنرل جيمز ميٽس ڪيو جڏهن ته پاڪستان جي ٻن ڪمپنين تي به پابندي لڳائي وئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگرد گروپن خلاف بنا فرق ڪارروائي لاءِ اسلام آباد تي دٻاءُ وجهندا رهنداسين. پاڪستان جي امداد رد ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن سيپٽمبر جي آخري هفتي ۾ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. آمريڪا پاران پاڪستان جي امداد روڪڻ جو فيصلو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن بعد آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ چيئرمين جوائنٽس چيف آف اسٽاف جنرل جوزل ڊنفورڊ اسلام آباد جو دورو ڪندا ۽ ملڪي نئين قيادت سان ملاقات ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

New Zealand opt to bat against Pakistan in Abu Dhabi Test

ابوظهبي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالرن جو راڄ نيوزيلينڊ جي ٽيم 153رنسن تي ڍير

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ٽن ٽيسٽ ميچن جي سريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے