17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: وڳڻ: بي درديءَ سان قتل ڪيل نينگر جي وارثن  جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

وڳڻ  ويجهو بي درديءَ سان قتل ڪيل نينگر جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو  ڪيو.

 ڳوٺ ڏاتو تيوڻا ۾ ڪجھ مھينا اڳ مٿي ۾ سروٽا ھڻي بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نينگر صدام تيوڻي جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ  وحشي صفت جوابدارن نصرالله تيوڻي  ، عبدالفتاح تيوڻي ۽ ديدار تيوڻي معصوم نينگر صدام کي مٿي ۾ سروٽا هڻي بي درديءَ سان قتل ڪيو هو.

 هنن چيو تھ  نصرالله تيوڻو هن وقت جيل ۾ آهي باقي ٻيا جوابدار  قانون جي پڪڙ کان آجا آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ  معصوم صدام کي مٿي ۾ ڌڪ ھڻي بيدردي سان قتل ڪري لاش اڇلائي ڇڏيو جنھنجي قتل کي ٽي مھينا گذري چڪا آھن پر وڳڻ پوليس ڳري رشوت عيوض جوابدارن کي گرفتار نھ پئي ڪري.

هنن چيو تھ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ الٽو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي.

مظاھرين چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار کان مطالبو ڪيو ته سندن معصوم جي ناحق قتل جو نوٽيس وٺي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے