18 اتوار , نومبر 2018

حڪومت تحت سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن واري وڻڪاري مهم جي شورعات ٿي وئي

Under the government, there was a commemoration of one-day livestock campaign throughout the countryاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت تحت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان هڪ ڏينهن واري وڻڪاري مهم هلائي پئي وڃي. وڻڪاري مهم جو عنوان ”پلانٽ فار پاڪستان“ رکيو ويو آهي جنهن جو مقصد زندگي جي مختلف شعبن سان تلعق رکندڙ ماڻهن  جي حوصلاافزائي ڪرڻ آهي. حڪومت پاڪستان جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي وڻڪاري مهم جو مقصد عوام، مختلف برادرين، ڪاروباري ۽ واپاري ماڻهن، سول سول سوسائٽي ۽ حڪومت کي گڏل طور تي وڻ پوکڻا آهن. ٻئي پاسي ماحولياتي آلودگي ۽ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ لوئر دير ۾ جهنگلن واري کاتي، فوج، پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن وڻڪاري مهم جي شروعات لوئر دير جي علائقي تيمر گره، ترئي، ميدان ۽ جندول کان ڪئي. ڪمانڊنٽ دير ٽاسڪ فورس ڪرنل شهزاد امير ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد ارشاد خان وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو، پوليس پڻ ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سرگرم نظر آئي. ڊي پي او عارف شهباز ماڻهن ۾ ٻوٽا ورهايا ويا جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جا شاگرد پڻ ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهن. وڻڪاري مهم هيٺ پهرين مرحلي ۾ 70 هزار ٻوٽا پوکيا ويندا جڏهن مرحليوار اهو انگ وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ ۾ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪئي ته ملڪ نه هلندو: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے