18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |ڪوٽڏيجي: ڪنب شهر ۾ نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو ، شهري عذاب ۾ مبتلا

ڪوٽڏيجي   ويجهو  ڪنب شهر ۾ نالين جو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو  جنهن سبب شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ڪنب شهر جي تمراڻي پاڙي،  بينظير ڪالوني ، مهراڻ ڪالوني،  شهباز ڪالوني سميت مختلف ڪالونين ۾ صفائي سٿرائي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

شهر ۾ گٽر۽  ناليون ابتيون وھڻ  سبب گهرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو آهي جنهن سبب رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي.

شهرين علي دين، محمد جمن،  اسماعيل پرويز گوپانگ،  علي نواز تمراڻي ۽ ٻين چيو تھ ٽائون آفيسر کي بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود ڪنءَ  تي جونءَ بھ نھ ٿي چري.

هنن چيو تھ شهر ۾ صفائي سٿرائي لاءِ  ڪي بھ جوڳا قدم ناهن کنيا ويا جنهن سبب شهر گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويو آهي.

شهرين انتظاميھ کان مطالبو  ڪيو تھ گندگيءَ جو نوٽيس وٺي شهر ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٻهارا: جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان ريلي

*ٻهارا  ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان ريلي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے