17 ہفتہ , نومبر 2018

پي سي بيءَ ۾ به” احتساب“ جو نعرو بلند

The pcb will raise the slogan of "accountability"ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پي سي بي ۾ احتساب جو نعرو بلند ٿي ويو جڏهن ته ان حوالي سان ”پراڻيون فائلون“ کوليندي اڳوڻي چيئرمين جي دور ۾ طوفاني رفتار سان ترقي جي منزلون طئي ڪندڙ ڪيترن کي آفيسرن کي نشانو بڻايو ويو آهي. پي سي بي ۾ احتساب جو عمل شروع ٿيڻ وارو آهي، ان حوالي سان پراڻين فائلون کوليون پيون وڃن، ذريعن موجب ڪيترن ئي ملازمن ۾ اڳوڻي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جي دور ۾ طوفاني رفتار سان ترقي جون منزلون طئي ڪيون، ڪجهه ورهين ۾ ڪيترن ئي ملازمن جون پگهارون 80 هزار کان 3 لکن تائين ماهوار تائين وڃي پهتيون، ان سڀني جي حوالي سان رپورٽون پڻ تيار ڪيون پيون وڃن، ڪجهه جو ذڪر تي اي جي پي جي آڊٽ رپورٽ ۾ پڻ موجود آهي. ذريعن موجب پي سي بي جا ڪيترائي ئي ملازم پي ايس ايل لاءِ  به ڪم ڪندا آهن، کين ڊبل بونس ڏيڻ جو به نوٽيس ورتو ويو آهي، پهرين ايڊيشن بعد نجم سيٺي ليگ لاءِ ڪم ڪندڙ لاءِ بونس جو اعلان ڪيو هو وري پي سي بي چيئرمين شهريار خان پڻ انگلينڊ وڃڻ کان اڳ پي سي بي جي ملازمن کي بونس جي خوشخبري ٻڌائي، حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ملازمن کي ڊبل بونس ميلو، ۽ اها پريڪٽس اڳتي پڻ ورجائي وئي. ٻئي پاسي ڪيترن ئي آفيسرن جي شڪي سرگرمين جون رپورٽون پڻ سامهون اچي رهيو آهن، ذريعن موجب هلندڙ سال جي شروعات ۾ يو اي اي ۾ پي ايس ايل جي ٽئين ايڊيشن دوران مارڪيٽنگ ڊپارٽمنٽ جي هڪ سينئير آفيشل ٽه ڀيرا هڪ ٽي جي پي ايم او(پليئر مينجمنٽ آفيشلز ايريا) ۾ ڏٺا ويا، ٽئي ڀيرا جڏهن کائنس پڇو ويو ته هن جواب ڏنو ته واش روم جو استعمال ڪرڻ آيو آهيان. دبئي اسٽيڊيم ۾ هنڌ هنڌ واش روم موجود آهن انڪري ان جواب مان فرنچائز آفيشل مطمئن نه ٿيا هنن واقعي کان پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ان آفيشل جي  نالي جو هڪ حصو ايس سان شروع ٿئي ٿو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فرنچائز آفيشل تصديق ڪندي چيو ته مان ڪو به الزام ناهيان لڳائي رهيو پر هن صاحب جي هر هر ڊريسنگ روم ۾ اچڻ اسان کي شڪن جو شڪار ڪري رهيو هو انڪري اسان شڪايت ڪئي پر  وري ڪجهه پتو نه پيو ته ڪهڙي ڪاروائي ٿي هو هن وقت به بورڊ جو ملازم آهي ان مان اهو چٽو ٿئي ٿو ته سندس خلاف ڪو به ايڪشن نه کنيو ويو هوندو. اسان جي ڪوچ کيس ٽه دفعا ممنوع ايريا ۾ روڪيو هو. رابطو ڪرڻ تي پي سي بي ترجمان چيو ته اينٽي ڪرپشن يونٽ جي ڪرنل(ر) اعظم کان هڪ فرنچائز ڄاڻايل آفيشل جي شڪايت ضرور ڪئي هئي، هو رڳو هڪ ڀيرو پي ايم او ايريا ۾ ويو هو، جڏهن کائنس پڇو ويو ته هن ٻڌايو هو ته وضو لاءِ واش روم استعمال ڪيو هو، کيس اڳتي محتاظ رهڻ جو چئي ڇڏيو ويو هو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته بورڊ اهڙن واقعن کي سنجيدگي سان ڏسي رهيو آهي ۽ جاچ پڻ ڪرائي سگهجي ٿي، نئي امڪاني چيئرمين احسان ماني هر صورت ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪلين اميج ڏسڻ چاهي ٿو، کيس پي ايس ايل ٽو جي اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جو پڻ ڏک آهي، سندس دور ۾ ڪرپشن جي حوالي سان حيقيقي زيرو ٽاليرنس پاليسي اختيار ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

New Zealand opt to bat against Pakistan in Abu Dhabi Test

ابوظهبي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالرن جو راڄ نيوزيلينڊ جي ٽيم 153رنسن تي ڍير

ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) ٽن ٽيسٽ ميچن جي سريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے