21 بدھ , نومبر 2018

وري ساڳيو ئي چڪر!

ايم . ضيا  الدين

پاڪستان هن وقت تائين اهو فيصلو ڪري نه سگهيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مالياتي بحران کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو ۽ مالياتي بحران کي مختصر مدت ۽ ڊگهي مدت جي آڌار تي ڪهڙا منصوبه ٺاهي حل ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته ملڪ جي  برآمدي واپار ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ درآمدي واپار ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ مالي وسيلن جي اچڻ ۾ گهٽائي ٿي رهي آهي ۽ ٽيڪسن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.

جڏهن ته حڪومت فقط سوشيواڪنامڪ جي مختلف شعبن ۾ ڪيئي منصوبه جوڙڻ ۾ سرگرم آهي جن ۾ ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا منصوبه شامل آهن، جن جو مقصد اهو آهي ته مضبوط اقتصادي پاليسي جوڙي سگهجي.

پي ٽي آءِ هڪ اتحادي حڪومت جي سرواڻي ڪري رهي آهي ۽ حڪومت جي ڏهن ڏينهن اندر ئي پي ٽي آءِ  ڪيترن ئي مصبوبن جا اعلان ڪيا آهن ۽ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن ڪيئي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي ضاطبي ۾ آڻي سگهجي. تحريڪ انصاف ڄڻ ته حقيقيت ۾ اهڙيون ڪوششون ڪري رهي آهي جهڙيون ڪوششون مسلم ليگ ( ن ) ڪري چڪي آهي. پاڪستان پلانگ ڪميشن جهڙوڪر گذريل ستر سالن کان ڪيترين ئي ٽاسڪ فورسن پاران جوڙيل ترقياتي منصوبن جو قبرستان بڻجي چڪي آهي. پاڪستان پلانگ ڪميشن وٽ گذريل ستر سالن کان جمع ٿيل ترقياتي منصوبن ۾ هر ان ترقياتي مسئلي جو حل تجويز ڪيو ويو آهي جيڪو هن ملڪ کي درپيش آهي.

تحريڪ انصاف حڪومت جي هر روز جي ڪارڪردگي اهو بيان ڪري رهي آهي ته جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي اهو هڪ ورجاءُ آهي، جڏهن ته ڪيئي ”ٽاسڪ فورس“ ڪافي مصروف ڏسڻ ۾ ايندا رهن ٿا، جڏهن ته موجوده حڪومت لاءِ چيلينجز روز بروز وڌي رهيا آهن. گذريل ڪيئي سالن کان ترقياتي منصوبن جون رپورٽون پلانگ ڪميشن جي قبرستان ۾ دفن ٿي رهيون آهن.

ان ڳالهه جي اسان سڀني کي بخوبي خبر آهي ته پاڪستان جي موجوده اقتصادي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي فوري طور تي 12 کان 15  ارب ڊالرن جي شديد ضرورت آهي. پاڪستان جي خزاني وارو وزير اسد عمر اڳ ئي چئي چڪو آهي ته پاڪستان حڪومت پاڪستان جي انهيءَ مالياتي بحران جي هڪ حصي کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سيڙپڪارين سان منهن ڏينداسين، اسان جي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي گذارش آهي ته هُنن جيڪي پرڏيهه ۾ سيڙپون ڪيون آهن اهي پاڪستان سرڪار سان ڪن ۽ پاڪستان سرڪار انهن کي پرڏيهه ۾ ڪيل سيڙپن مان جيڪو نفعو ملي ٿو ان کان وڌيڪ ڏيندي. سندس چوڻ آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ پرڏيهه ۾ ڪيئي پروگرام پڻ ڪيا ويندا.

اسد عمر صاحب جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، اهي ڪجهه اهڙيون ئي آهن جهڙيون پاڪستان جو چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي پرڏيهي دورن دوران ڪندو رهيو آهي، خاص ڪري اوورسيز پاڪستانيز ڪانگريس ۾ شرڪت وقت ڪيون هيون ، کيس اهڙي دعوت عارف انيس ڏني هُئي جيڪو انهيءَ تنظيم جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان سان انهيءَ دوري دوران واپڊا جو چيئرمين ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر پڻ گڏ هو، انهيءَ پرڏيهي دوري جو مقصد اهو هو ته چيف جسٽس آف پاڪستان پاران جيڪا ڀاشا ڊيم ۽ مندا ڊيم جي تعمير لاءِ ڪٿيل ايڪويهه ارب ڊالرن جي رقم آهي ان کي جمع ڪرڻ ۾ مدد وٺي سگهجي.

هتي هڪڙي تجويز به پيش ڪيل آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي انهيءَ ڳالهه جو اختيار ڏنو وڃي ته هو ناڻي واري وفاقي وزير سان اهو معاهدو ڪري ته پجن ڊالرن جي بانڊ کي 5/ سيڪڙو جي حساب سان ۽ 10/ ڊالرن جي بانڊ کي 6 سيڪڙو جي حساب سان ٽيڪس فري قرار ڏئي ۽ انهيءَ بانڊ کي پاڪستاني روپين ۾ تبديل نه ڪيو وڃي.

ٽيڪس جي اها شرح منافعي جي انهيءَ شرع کان وڌيڪ آهي جيڪا پرڏيهه ۾ پاڪستانين کي ڪيل سندن سيڙپڪارين تي ملي ٿي.  جڏهن ته بانڊ جي مالي حد  10.000 هزار ڊالرن تائين رکي وڃي جيڪا اڳ 100.000 لک ڊالرن تائين هُئي جنهن ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري اچي نه سگهي.

پاڪستان متعلق پرڏيهه ۾ جڙيل تاثر ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سيڙپڪارين سبب اهو امڪان گهٽ آهي ته پاڪستان پاران کين جيڪا سيڙپڪاريءَ جي آڇ ڪئي وئي آهي اها ڪو جلد لاڀ ڏيندي تنهنڪري چيف جسٽس آف پاڪستان کي گهرجي ته هو پرڏيهه جي هر ان ملڪ ۾ وڃي جتي پاڪستاني رهن ٿا ۽ کين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ همٿائي، جيئن سعودي عرب، گڏيل عرب عمارتون، آمريڪا ۽ برطانيه آهي، جڏهن ته آمريڪا ۾ پاڪستانين جو هڪ وڏو انگ رهي ٿو ، انهيءَ سلسلي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے