18 اتوار , نومبر 2018

هندي ميڊيم فيم  اداڪارا صبا قمر…

پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا صبا قمر  5 اپريل  1984 ۾ حيدرآباد ۾ اک کولي، صبا قمر جو ننڍپڻ گجرانوالا ۾ گذريو جنهن بعد هو لاهور هلي وئي جتي  هن  پنهنجي اڳتي جي تعليم کي جاري رکيو. منفرد انداز رکندڙ صبا عمر جي مذاحيا ڪردارن کي نجي ٽي وي چينل جي شو  هم سب اميد سي هين  ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو،  صبا قمبر 2005 ۾ پهرين  ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا جنهن جو نالو مين عورت هون  هو.. صبا قمر جي مشهور ڊرامن ۾  ڇاپ، بنت آدم ، خدا گواهه، جناح ڪي نام، مشال، داستان، اڙان، تنڪي ، مات، ٿڪن،  يهان پيار نهين هي ۽ ٻيا ڪيترائي  ڊراما شامل آهن، صبا قمر ننڍي پردي سان گڏوگڏ وڏي پردي تي به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.. هن  جي لالي ووڊ ۾ پهرين فلم  آئينا هئي، جڏهن ته صبا قمر   منٽو، لاهور سي آگي  8689 ۾ به ڪم ڪيو. صبا قمر هڪ بهترين ادڪاره هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين انسان به آهي، ۽ هو فيشن انڊسٽري ۾ پنهنجي منفرد انداز سبب هڪ ڌار مقام رکي ٿي.  2017 ۾ صبا قمر  بالي ووڊ جي پهرين ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڌيکاريا، جنهن  جو نالو هندي ميڊيم هو.. فلم ۾ صبا قمر سان ليڊ ڪردار ۾ عرفان خان ادڪاري ڪئي ، فلم هندي ميڊيم ۾ صبا قمر جي اداڪاري کي  بارڊر جي ٻنهي پاسي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. اها فلم ڀارت جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گراس بزنس ڪندڙ فلم آهي.  انهي فلم لاءِ  صبا قمر کي  بيسٽ ايڪٽريس جي فلم فيئر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. صبا قمر هن وقت به ڪيترن ئي براجيڪٽس تي ڪم ڪري رهي آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے