21 بدھ , نومبر 2018

نالو صحيح نه وٺڻ تي سني ليوني جي مداحن تي ڪاوڙ

شيراز سومرو

ماڊل، ڪاروباري شخصيت  ۽ امريڪي اداڪاره ڪرن جيت ڪور ووهرا عرف  سني ليوني هن وقت بالي ووڊ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، سال 1981 ۾  31 مئي تي هڪ پنجابي سک خاندان ۾ جنم وٺندڙ سني ليوني ڀارتي نسل جي ڪئنيڊا ڄائي شهري آهي.

سني ليوني کي ان وقت تمام گهڻي ڪاوڙ لڳندي آهي جڏهن ڪو هن جو نالو صحيح ناهي وٺندو،

ان حوالي سان سني ليوني جو چوڻ آهي ته سندس نالو وٺڻ کان پهرين مداح سندس نالي کي گوگل تي ڏسي وٺن ته ان کي درست نموني ڪيئن ٿو وٺي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهو تمام خراب لڳندو آهي ته اوهان جا مداح اوهان جو نالو غلط وٺن. يا ان ۾ ڪا غلطي ڪن،

سني ليوني امريڪا ۾ فلمز، ڊرامن ۽ گانن ۾ ماڊلنگ به ڪئي آهي. سال  2012 ۾  بالي ووڊ ڊائريڪٽر مهيش بٽ جي فلم جسم 2 ۾ سني ليوني کي ڪاسٽ ڪيو ويو، جنهن ذريعي هن پنهنجي بالي ووڊ ۾ سفر کي شروع ڪيو.، فلم ۾  سني ليوني جي ادڪاري مداحن کي گهڻو متاثر ڪيو جڏهن ته فلم ۾ بولڊ منظرن سني ليوني کي اڃا فائدو پهچايو، پوءِ ڇا ٿيو بالي ووڊ ۾ ته سني ليوني کي ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ڊارئيڪٽرز جي لائين لڳي وئي.

اداڪاره 2013 ۾ فلم جيڪ پاٽ، 2014 ۾ راگني ايم ايم ايس، ۽ سال  2015 ۾  ليلا جهڙين فلمز ۾ ڪم ڪيو. سني ليوني هن وقت 12 کان وڌيڪ فلمز ۾ ڪم ڪري چڪي آهي،

سني ليوني بولڊ سينز ڪري تمام گهڻي مشهور آهي ۽ سندس فلمز ۾ اڪثر ڪري اهڙن سينز ڪري هن جي ڊمانڊ به وڌي وڃي ٿي.

سني ليوني پنهنجي شروعاتي تعليم  ڪيٿولڪ اسڪول مان حاصل ڪئي ، 13 سالن جي عمر ۾ سني ليوني والدين سميت  مشي گن منتقل ٿي وئي .

سني ليوني کي هن وقت به بالي ووڊ ۾ هاٽ پراپرٽي سمجهيو وڃي ٿو پر سني ليوني  فلمز جي چونڊ ڪرڻ ۾ تمام محتاط رهي ٿي.

ادڪاره ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ٿيندڙ شخصيت آهي جڏهن ته سندس زندگي تي ٺهيل ويب سريز فلم جلد ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.  انهي حوالي سان سني ليوني پاڻ به هڪ ٽوئيٽ ذريعي تصديق ڪئي ته سندس زندگي تي ٺهيل فلم جلد ئي زي 5 تي نشر ڪئي ويندي،

سکن جي مذهبي تنظيم  ايس جي پي سي سني جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جي مخالفت ڪئي آهي هنن جو چوڻ آهي ته لفظ ڪور سک برادري جي سڃاڻپ آهي پر سني ليوني ان کي خراب ڪيو آهي.

هن وقت سني ليوني  وير مهاديوي جي شوٽنگ ۾ مصروف   آهي جيڪا پنج ٻولين  هندي، تامل،  ڪاناڊا، ماليم ۽ تيلگو ۾ رليز ڪئي ويندي.

سني ليوني بابت مداح ڪيترائي سوال ڪندي نظر اچن ٿا ته آخر سندس اهو نالو ڪئين پيو؟ هن اهو ڪم ڇو شروع  ڪيو؟ سندس اڳتي جي حڪمت عملي ڪهڙي هوندي؟ پر سڀني بابت سني ليوني جو اهو چوڻ آهي ته بس ڪريو ٿورو انتظار اوهان جي سڀني سوالن جو جواب ملي ويندي سندس زندگي بابت ٺهيل ويب سيريز فلم وسيلي جيڪا زي 5 تي جلد جاري ڪئي ويندي.

مداح سندس زندگي جي حقيقي پاسن کي ڏس۾ بعد ڪهڙو ردعمل ڏيندا، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر يقينن سني ليوني پاران اهو هڪ جرئتمنداڻو قدم آهي جنهن پنهنجي زندگي بابت حقيقتن کي فلمي پردي تي ڏيکارڻ جي منظوري ڏني آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے