18 اتوار , نومبر 2018

انور ابڙي جي نئين ڪتاب ”چوڌاري چَمڪاٽَ“ جو اَڀياس

ادل سولنگي

انور ابڙي جو سنڌي ادب ۾ خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي تخليق ۾ سگهارو ڪردار رهيو آهي. عَني ۽ مائو“، ڪهاڻيون، ٻڌو، پڙهو ۽ رنگ ڀريو، ٻارن لاءِ ابتدائي سنڌي قائدو ۽ ”ننڍڙو چنڊ“ ناول، ٻاراڻي ادب لاءِ ڪيل انور ابڙي جي تخليقي وهنوار جي اهم  حاصلات رهي آهي. ٻاراڻي ادب جي کوٽ جو جنهن نموني انور ابڙي پورائو ڪيو آهي يا ڪري رهيو آهي، اهو عمل انتهائي ساراهڻ جوڳو آهي.

* ”چوڌاري چمڪاٽَ“ انور ابڙي جي ذهن ۽ شعور ۾ موجود انهن شخصيتن، ادارن ۽ شاگردن جي ڪردار بابت احساسن جو لفظي روپ آهي، جيڪو تقريرن ۽ خاڪن مان اُڀري ٿو ۽ سندس فن فڪري ڏات جو مشاهدو ڪرائي ٿو. هن ڪتاب ۾ نئين نسل جي علمي/ادبي تربيت ذريعي شخصيت سازي واو عمل انتهائي مٿانهون نظر اچي ٿو. هنن تقريرن ۽ خاڪن ذريعي انور ابڙو سنڌ مدرسي جي علمي مهانتا ڪردار ۽ مٿڀرائپ جو بيان انتهائي خوبصورت انداز سان علمي ادبي ٻوليءَ ۾ ڪري ٿو، نه رڳو پنهنجي نئين نسل کي هن قديم اداري جي تاريخي ڪردار بابت ٻڌائي ٿو پر هن اداري مان علم پرائيندڙ شاگردن جي ڪردار بابت به انتهائي ڪارائتيون ڳالهيون لکي ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي تاريخ جا سمورا ٽٽل سلسلا جوڙي هڪ نئين مالها پوئي ٿو، اهڙي مالها جيڪا انهن شخصيتن جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ جي ڄڻ ته قبوليت ۽ مڃتا طور انهن ڪردارن جي ڳچيءَ ۾ پائي ٿو.

* انور ابڙي جي لکيل هنن ٻاراڻين تقريرن ۽ خاڪن جا موضوع، انهن جو تاريخي ۽ علمي ادراڪ رکڻ سميت انهن جو مانائتو اظهار آهي، جنهن ۾ نه رڳو ٻوليءَ جي حسناڪي آهي پر انهن ڪردارن جي جدوجهد جي جماليات پڻ اُڀري اچي ٿي. انور ابڙو بنيادي طور تي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي پر ان کان وڌيڪ به هن جون مختلف سڃاڻپون سامهون اچي رهيون آهن. هن ناول لکيا آهن ۽ ڊراما به لکيا آهن، مختلف دستاويزي اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن، ڪيترين ئي قدآور ادبي شخصيتن کان انٽرويو ڪيا آهن، ڪالم لکيا آهن ۽ مختلف ادبي شخصيتن بابت ”قلم جا وارث“ جهڙو ڪتاب لکي هن سنڌي ادب ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي آهي.

* انور ابڙو ڪنهن به ”لابنگ“ واري عنصر کان پرانهون ۽ پنهنجي ليکي پنهنجي دنيا ۾ ادبي تخليقي وهنوار سان سلهاڙيل رهندڙ هڪ ماٺيڻو ۽ ٿڌو مزاج رکندڙ ۽ سنجيدو اديب/شاعر آهي. کيس خبر آهي ته ”مهم جوئي“ سان ادبي دنيا ۾ ڪو به اديب ڊگهو عرصو ساڳي پَدَ تي نٿو رهي/بيهي سگهي. ان حوالي سان انور ابڙو پنهنجي تخليقي ڪرتِ سان پنهنجي احترام لائق حيثيت، ڪنهن به ”ادبي لابنگ“ ڪرڻ کانسواءِ فطري طور تي ماڻي آهي. انور جو هيءُ ڪتاب ”چوڌاري چَمڪاٽَ“ سندس ادبي مٿڀرائپ جو هڪ مثال آهي، ڇاڪاڻ جو هن جو ادبي سفر پنهنجي پيرن تي ٿي رهيو آهي.

* انور ابڙي جي هن ڪتاب ۾ سنڌ مدرسي جي مختلف پروگرامن/ڏهاڙن جي اهميت جي حوالي سان لکيل اُهي تقريرون ۽ خاڪا شامل آهن، جن کي انهن ئي موقعن تي انتهائي قبوليت/مڃتا ملي آهي. انور ابڙي جون ٻارن لاءِ لکيل هي تقريرون ۽ خاڪا اصل ۾ سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ نئون نصابي ڪلچر آهي ۽ تاريخ سان شناسائي آهي. پنهنجي علمي ادبي ورثي جي سڃاڻ ۽ ان جي اهميت بابت هڪ دستاويزي شاهدي آهي ۽ بهتر مستقبل جي رٿابندي جو عملي ثبوت آهي.

* انور ابڙي جو علمي ادبي ڪم گهڻ پاسائون آهي، خاص ڪري ٻاراڻي ادب لاءِ سندس ڪامياب ڪوششون ساراهه لائق رهيون آهن، جن کي سدائين مانائتو ليکيو ويندو. انور ابڙي جي هن ڪتاب جو مُک موضوع سنڌ مدرسو، اتان جي انتظاميا ۽ اتان جي تعليم ۽ تربيت، نئون نسل ۽ هن مقدس اداري مان تعليم پرائي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃائيندڙ ۽ پنهنجو ڪارائتو سماجي ڪردار ادا ڪندڙ انهن شخصيتن جو ذڪر آهي، جيڪي هن عظيم درس گاهه جا شاگرد رهيا ۽ علمي زندگيءَ ۾ هن پنهنجون علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتون ڪيون ۽ سنڌ ۾ سجاڳيءَ جي تحريڪ پيدا ڪري ان جي پوئواري ڪئي ۽ هڪ پاڻ ڀريي مُهذب ۽ سيڪيولر سماج جي اڏاوت ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون علمي ادبي صلاحيتون ڪتب آڻي پنهنجي مٿان آيل تاريخ جي ذميواري نڀائيندي پنهنجو پاڻ موکيو آهي.

ڪتاب جي صفحي نمبر 25 تي هڪ تقرير جو اهم ٽڪرو هن ريت ڏنل آهي ته:

معزز مهمانو!

جيڪڏهن هي هڪ عام اسڪول هجي ها ته پوءِ مون کي ٻڌايو ته قائداعظم محمد علي جناح ڪير هو؟ سر عبدالله هارون ڪير هو؟ سر غلام حسين هدايت الله ڪير هو؟ سر شاهنواز ڀٽو ڪير هو؟ غلام محمد ڀرڳڙي ڪير هو؟ علامه آءِ آءِ قاضي ڪير هو؟ محمد ايوب کهڙو ڪير هو؟ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ڪير هو؟ علامه علي خان ابڙو ڪير هو؟ يا اڄ جي دور ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ڪير آهي؟ محمد ابراهيم جويو ڪير آهي؟ شمشير الحيدري ڪير آهي؟ ۽ رسول بخش پليجو ڪير آهي؟.

معزز مهمانو!

اهي سمورا عظيم ماڻهو هن اداري جا اڳوڻا شاگرد آهن، اهي ئي ماڻهو اسان جا هيروز آهن، اهي ئي ماڻهو سنڌ جا هيروز آهن، انهن شخصيتن ئي هن ملڪ جي قيام ۽ پوءِ ان جي تعمير ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.

ڪتاب ۾ موجود هڪ تقرير ۾ آزادي ۽ غلاميءَ ۾ فرق ڏيکاريندي چيو ويو آهي ته:

منهنجا معزز مهمانو!

مان ٿو ٻڌايان اوهان کي ته آزادي ڇا ٿيندي آهي؟ آزادي ماءُ جي رَئي جي ڇانوَ ٿيندي آهي، آزادي امڙ جي مٺڙي ٻولي ٿيندي آهي، آزادي ماءُ جي جهولي ٿيندي آهي، آزادي ڀيڻ جو پيار ٿيندي آهي، آزادي معصوم ٻارڙي جي مُرڪَ ٿيندي آهي، آزادي پيءُ جي شفقت ٿيندي آهي، آزادي ڀاءُ جي ارڏائي ٿيندي آهي، آزادي جنت جو ٻيو روپ ٿيندي آهي، آزادي زندگيءَ جو گيت ٿيندي آهي، آزادي ڪنهن باغي جو خواب ٿيندي آهي، آزادي علامه اقبال جو ”بانگ درا“ ٿيندي آهي، آزادي ڀٽائي جي ”مارئي“ ٿيندي آهي، آزادي نئين صبح جو سڏ ٿيندي آهي، آزادي اسان ۽ اوهان جي اکين جي بي ساخته چَمڪَ ٿيندي آهي، آزادي رم جهم ٿيندي آهي، آزادي چوماسي جو وسڪارو ٿيندي آهي، آزادي بهار جي مند ۾ ڦُٽل سُرخ گلاب آهي، آزادي آزاد فضا ۾ ڪبوترن جي اُڏار آهي.

۽ غلامي؟

غلامي ذلت آهي، ڪنهن ڏائڻ جو ڀوائتو روپ آهي، اها موت جي ٻولي ڳالهائيندي آهي، قومن جي ڳچيءَ جو طوق ٿيندي آهي، قومي احترام تي راتاها هڻندي آهي، خوابن جي قاتل ٿيندي آهي، انساني رت جي پياسي ٿيندي آهي، ظالم ٿيندي آهي، چين ۽ سُڪون کَسيندي آهي، غلامي جَبر جو نانءُ آهي، ظلم جي تصوير آهي، پيرن جي زنجير آهي، جنهن کي هر حال ۾ ٽوڙڻو آهي. (صفحو: 36)

چوڌاري چَمڪاٽَ

* شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي فڪر جو ڦهلاءُ ۽ سنڌ جي تاريخ جو وچور/ورجاءُ ڪرڻ، انور ابڙي جي شعوري ڪوشش رهي آهي، جيئن نئون نسل پنهنجي تاريخي/ادبي ورثي سان واڳيل هجي ۽ ان تي فخر ڪري پنهنجون منزلون ماڻي سگهي.

هي ڪتاب پنهنجي علمي اهميت سبب سچ پچ ته هن دور جو نئون نصاب آهي، جيڪو نئين نسل جي رهنمائي ڪري کين اڳتي وڌڻ ۾ نه رڳو علمي طور تي پر فطري طور تي به کين مٿانهون مقام ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڪتاب ۾ پڙهڻ، پروڙن، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڳالهيون موجود آهن، جڏهن ته ٻوليءَ جي حوالي سان انور ابڙي جو هي نثري ڪتاب به ڄڻ ته ڪا شاعراڻي تخليق آهي. ڇاڪاڻ جو هن ڪتاب جي جڙت/جڙاءُ شاعراڻي ٻولي ۽ احساس جي پيرائي ۾ ڪيل آهي. هن ڪتاب جو مُهاڳ ادل سومري لکيو آهي، ڪتاب جي پويان پنهنجي راءِ لکي آهي مختيار سمي، پبلشر جو نوٽ لکيو آهي قربان منگي، پوپٽ پبليڪيشن هائوس خيرپور سنڌ پاران ڇپرايل هي ڪتاب جنهن ۾ اٺ تقريرون ۽ ٽي خاڪا ڏنل آهن، هي ڪتاب خوبصورت رنگين ٽائيٽل سان 64 صفحن تي ٻڌل آهي. ڪتاب جو مُلهه 100 رپيا آهي. هي ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن جي لاءِ علمي ادبي حوالي سان نهايت ئي ڪارائتو ڪتاب آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے