17 ہفتہ , نومبر 2018

عورتن ۽ مردن ۾ بُڪين جو مرض

ڊاڪٽر علي مراد راهو

الله تعاليٰ انسان ذات جي جسم کي ڪيترين ئي بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي انهن ۾ هڪ اهم نعمت گڙدا به آهن. جيڪي رت مان خراب مادا الڳ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي ڪم بنا ڪنهن وقفي جي سرانجام ڏين ٿا. عام طور تي عورتن ۾ صحت جي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ۽ خاص طور تي بڪين جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وڃي ته ان معاملي ۾ به اُها ڪيترن ئي مسئلن ۾ جڪڙيل رهي ٿي. جن ۾ حمل جي ڏينهن ڪيترن ئي سببن سبب اوچتو بُڪين جو خراب ٿي وڃڻ ۽ پيشاب جي نالي جو سُڄي وڃڻ وغيره شامل آهن. جنهن ۾ ڪجهه اهڙيون عادتون جيڪي بُڪين جي مسئلي کي پيدا نه ٿيون ڪن ته وڌڻ جو سبب ضرور بڻجن ٿيون. جن ۾ گهٽ پاڻي پيئڻ خاص طور تي سردين جي موسم ۾ ته پاڻي نه پيئڻ جي برابر پيتو وڃي ٿو. بُڪيون انساني جسم ۾ ميٽابولزم جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ وارن خراب مادن کي رت کان الڳ ڪنديون آهن. ان کان علاوه جسم ۾ سٺن مادن جو صحيح توازن برقرار رکڻ ۽ حياتياتي ڪيميائي مادن جو تناسب برابر رکڻ جو به اهم ڪم سرانجام ڏين ٿيون اسان جون بُڪيون عام طور تي هڪ ڏينهن ۾ 180 کان 200 ليٽر رت صاف ڪن ٿيون. انهيءَ اعتبار کان جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي جسم ۾ 80 ليٽر رت موجود هوندو ته سڄي ڏينهن ۾ 25 جڏهن ته سال ۾ 9125 ڀيرا قدرتي طور تي ڊاءِ ليسس جو عمل پورو ٿئي ٿو. جيڪڏهن سراسري عمر 60 سال آهي ته 5،47،500 دفاع ڊاءِ ليسس ٿئي ٿو ۽ هن سڄي عمل تي ڪنهن به قسم جو خرچ نه ٿو ٿئي. ان جي ابتڙ جيڪڏهن ايتري ڊگهي عرصي تائين هٿرادو طريقي سان ڊاءِ ليسس جو عمل پورو ٿئي ته ڪروڙين رپيا خرچ ٿي ويندا. سچ پچ دل جي نالين وانگر بُڪين جون ناليون به هاءِ بلڊپريشر يا ٻين مرضن جي سبب سخت ۽ ٿلهيون ٿي وڃن ٿيون ۽ جڏهن هي ناليون پوري مقدار ۾ رت مهيا نه ڪنديون آهن. ته بڪيون خراب مادا خارج نه ڪري سگهنديون آهن ۽ جيڪڏهن هيءَ صورت حال ڪجهه عرصي تائين برقرار رهي ته بڪيون پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن.

عام طور تي بڪيون فيل ٿيڻ جون شروعاتي نشانيون ايتريون صاف ظاهر نه ٿيون ٿين. جيتوڻيڪ بڪين ۾ سوڄ جي سبب ڪري چيلهه جي هيٺين حصي ۾ سور ۽ ٿوري ٿوري مقدار ۾ پيشاب جو بار بار اچڻ وغيره جيتوڻيڪ مريض بيهوش هئڻ سان گڏوگڏ ڪڏهن ڪڏهن الٽي به اچي وڃي ٿي. اهڙي صورت ۾ هٿرادو طريقي سان خراب مادن کي خارج ڪيو وڃي ٿو. بڪين کي اهو به چيو وڃي ٿو. هڪ Renin ۽ ٻيو Erythropoietin انتهائي اهم هارمونز به خارج ٿي وڃن ٿا. جن کي اول ذڪر هارمون جي ذمي رت جي ڳاڙهن جزن جي واڌ ويجهه ۾ مدد مُهيا ڪن ٿا. جڏهن ته جسم جي بلڊپريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد مُهيا ڪري ٿو. ان کان علاوه بُڪيون روزانو غير ضروري پاڻي به خارج ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ وٽامن ڊي (Toxin) تقريبن ٻه ليٽر نامياتي زهر ٿري ٺاهڻ جي به خاصيت رکن ٿا.

ويجهڙائي ۾ برطانيه ۾ ڪيل هڪ تحقيق جي مطابق برطانوي عورتن ۾ گڙدن جي مرض جو هڪ اهم سبب ٿولهه به بڻجي رهيو آهي، هڪ تحقيق جي انگ اکرن جي مطابق گذريل 10 سالن کان عورتن ۾ بڪين جي ڪينسر جي ڦهلجڻ جي شرح 22 سيڪڙو رهي. جيڪا ڇاتي ۽ چمڙي جي ڪينسر کان به وڌيڪ هئي. گذريل وقت ۾ بڪين جي ڪينسر جو سبب نشي کي سمجهيو ويندو هو. پر هن تحقيق کان پوءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته بُڪين جي ڪينسر ٿيڻ جي ڪارڻ ۾ ٿولهه جو به گهڻو دخل آهي. جيتوڻيڪ هن عرصي ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي شرح ۾ 4 سيڪڙو، جڏهن ته گڙدن جي ڪينسر جي شرح ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. تحقيق جي مطابق جڏهن ڪو ماڻهو خاص طور تي عورتن جو وزن گهڻو هجي ته تبديلي ٿيڻ لڳندي آهي. ۽ هارمونز جو هي بگاڙ به ڪينسر جو خطرو به وڌائي ڇڏي ٿو. گذريل هڪ ڏهاڪي کان سڄي دنيا ۾ بُڪين جي ڪينسر جي شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. هيءَ شرح عورتن ۾ گهڻي آهي جيتوڻيڪ اها ڳالهه تصديق سان نه ٿي چئي سگهجي ته ٿولهه جي ڪري صرف عورتون  ئي بُڪين جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿيون يا مردن ۾ به ٿولهه سبب ڪينسر ٿيڻ جو خطرو به ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ترقي آفته ملڪن ۾ مردن جي ڪينسر جي شرح 8 سيڪڙو هئي جڏهن ته اها وڌي 17 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي.

گڙدن جي ڪينسر جو اهم ۽ شروعاتي نشاني پيشاب جي ذريعي رت جو خارج ٿيڻ ۽ بنا ڪنهن سبب جي ڪري وزن جو گهٽجي وڃڻ، جڏهن ته ٻين نشانين ۾ چيلهه جي هيٺين حصي ۾ سور، بلڊپريشر بخار ۽ ٽنگن جو ورم وغيره شامل آهن. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ به ٿولهه جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري ماهر گڙدن ۽ مثاني جي مرضن ۾ واڌ جا نمونا ظاهر ٿي رهيا آهن. هڪ عام سوال لڳ ڀڳ هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هوندو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ ڪيترو پاڻي پيتو وڃي ته ان حوالي سان ماهرن هڪ طريقو واضع ڪيو آهي. جنهن جي مطابق پنهنجي وزن کي 60 پائونڊ سان ونڊ ڪريو. جيڪو جواب اچي اوترا ليٽر روزانو پاڻي پيئڻ فائديمند آهي. مثال جي طور هڪ ماڻهو جنهن جو وزن 150 پائونڊ آهي ته اهو جڏهن پنهنجي وزن کي 60 سان ونڊ ڪندو ته جواب 150/60=  2.5 ايندو يعني گهربل ماڻهوءَ کي روزانوٻه ڏهائي پنج ليٽر پاڻي پيئڻ گهرجي واضع رهي ته گرم موسم ۾ وڌيڪ هڪ ليٽر پاڻيءَ جو اضافي پيئڻ گهرجي، پر جيڪڏهن وڌيڪ به پئي ته ڪو نقصان نه آهي بلڪي ان ۾ فائدو آهي. بُڪين جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ ماهرن هڪ سوال نامو به ترتيب ڏنو آهي جنهن کي ڀري ڪافي حد تائين مرض جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.

ڇا خاندان ۾ ڪنهن کي شگر، هائي بلڊپريشر يا گڙدن جي بيماري آهي

ڇا کاڌن ۾ لوڻياٺ يا لوڻياٺين شين جو گهڻو استعمال آهي

ڇا قد ۽ عمر جي لحاظ سان وزن گهڻو هوندو آهي

ڇا توهان ۾ سگريٽ پيئڻ جي عادت آهي

ڇا عام طور تي ذهني دٻاءُ جو شڪار رهندا آهيو

ڇا لاڳيتو ورزش ڪندا آهيو

ڇا مٿي ۾ مستقل طور سور رهي ٿو

ڇا آهستي آهستي نظر گهٽجي رهي آهي

ڇا سور کي گهٽائڻ جي لاءِ دوا استعمال ڪريو ٿا

ڇا ٿورڙي ڪم ڪرڻ سان توهان جو ساهه ڦوڪجي وڃي ٿو

ڇا توهان جي عمر 65 سالن کان مٿي آهي

ڇا گهڻي ڪم جي ڪري گهڻو پريشان ٿي وڃو ٿا

ڇا گهڻي دير تائين ويهي رهو ٿا

ڇا توهان غربت جي دور مان گذري رهيا آهيو

ڇا عورتون حمل دوران دوائون استعمال ڪري رهيون آهن

ڇا کاڌي پيتي ۾ بي قائدگي  ٿي رهي آهي

جيڪڏهن اڌ کان وڌيڪ سوالن جا جواب ها ۾ آهن ته مريض کي ترت ئي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته بڪين جي مرض ٿيڻ کي وقت سر روڪي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے