17 ہفتہ , نومبر 2018

مشهور ڀارتي هدايتڪار ڪرن جوهر جو همشڪل پاڪستاني نوجوان سوشل ميڊيا تي ڇانيل

Famous Indian Instructor Karan Johar's face overwhelmed Pakistan's young social mediaڪراچي(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا تي اڪثر مشهور شخصيتن جي صورت سان ملندر جلندڙ چهرن جا چرچا هوندا آهن، ان سلسلي ۾ هڪ پاڪستاني مداحن ڀارتي فلمساز هدايتڪار ڪرن جوهر سان ايتري مشهابت رکي ٿو جو ڪرن جوهر پاڻ سندس تصوير ڏسي حيران ٿي ويو. ويجهڙائي ۾ ڪرن جوهر ميوزڪ جي حوالي  سان هڪ ٽوئيٽ شيئر ڪئي هئي جنهن تي هڪ پاڪستاني عثمان خان نالي مداح تبصرو ڪندي پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪرن جوهر کان سوال ڪيو ويو ته ماڻهو چوندا آهن ته منهنجي شڪل توهان ملندڙ جلندڙ آهي ڇا ائين آهي؟  جنهن جي جواب ۾ ڪرن جوهر چيو ته ڪجهه ٽوئيٽ ته مونکي ڪجهه چوڻ کان بي زبان ڪري ڇڏيندا آهن انهن هي پڻ هڪ آهي. جنهن بعد اها ٽوئيٽ وائرل ٿي وئي ۽ ان تي مداحن طرفان دلچسپ تبصرا پڻ شروع ٿي ويا. ڪرن جوهر ڀارتي ٽي وي چينل جي پروگرام” ڪافي ود ڪرن“ جو ميزبان پڻ آهن ۽ هڪ گٽار باليووڊ پيج طرفان چيو ويو ته هي ”ڪاپي ود ڪرن آهي. هڪ بابو ڀيا نالي ٽوئيٽر واهپيدار مشورو ڏنو ته سر پنهنجي بايوپڪ ٺهرايو ۽ کيس مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو. هڪ جيانٿ ڪرشنان نالي مداح لکيو ته ڇوڪرا تون ڪرن جوهر سان تمام گهڻي مشهابت رکين ٿو تون سندس آئينو آهين. جڏهن ته واهپيدار ته ”ڊوبليڪيٽ قرار ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے