15 جمعرات , نومبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 3 شاگرد شهيد

3 students martyred in the firing of Indian army in Wallar Kashmirسرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوان شهيد ڪري ڇڏيا. ڪشميري ميڊيا جي رپورٽن موجب قابض ڀارتي فوج ڪشمير  جي ضلعي بانڊي پورا ۾ هڪ هفتي کان جاري سرچ آپريشن جي آخري ڏينهن ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ٽئي نوجوان شاگرد هئا جن کي گرفتار ڪرڻ بعد گوليون هڻي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو. گذريل ٻن ڏينهن ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 5 ٿي ويو آهي. بانڊي پورا ضلعي ۾ هڪ ڀارتي فوجي اهلڪار جي مارجڻ ۽ ٻن جي زخمي ٿيڻ جو پڻ اطلاع آهن. قابض فوج هڪ هفتي کان جاري سرچ آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ وائرليس سيٽ پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي پاسي ضلعي شوپيان ۾ ڀارتي فوج جي مشق دوران گوليون لڳڻ سبب ٻه سپاهي زخمي ٿي پيا. واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت جو سلسلو جاري آهي. ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪندي ڀارتي فوج آگسٽ مهيني جي آخري ڏينهن پڻ ٻن ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عافيه صديقي جي معاملي تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے