17 ہفتہ , نومبر 2018

معارف سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لُواريءَ وارو

رکيل مورائي

اڄ تائين سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو اهڙو ادارو آهي، جنهن لڳاتار نه رڳو سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي مواد ڇپرايو آهي، پر ان سنڌ جي حقيقي علم ۽ ادب ۽ تصوف بابت پڻ جيڪي ڪتاب ڇپرايا آهن اُهي ڪنهن به طرح سنڌي پڙهندڙن توڻي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ محققن لاءِ گهڻو گهڻو اهم رهيا آهن.

ساڳئي وقت بورڊ ترجمن جي حوالي ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي ڪتاب ڏنا آهن انهن جو مثال به بورڊ پاڻ آهي. سنڌ جي مشاهيرن بابت بورڊ جيڪو مواد ڪتابي صورت آندو آهي اُهو وري اهڙو حوالو آهي، جنهن جي جيتري به ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي. ائين بورڊ جيڪو تخليقي ادب شايع ڪيو آهي ان جي الڳ فهرست آهي. بورڊ تازو هڪ اهڙو ئي اهم ڪتاب شايع ڪيو آهي. جيڪو ”معارف“ جي نالي سان آهي. هيءُ ڪتاب سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لُواريءَ واري جي قولن/اِرشادن تي ٻڌل انهن ٻن عالمن جي ٻن عربي ڪتابن جي ترجمي ۽ تشريح تي ٻڌل آهي، جيڪي، عالم، فقهه ۽ تصوف جا صاحب رهيا آهن.

جن مان هڪ ڪتاب آهي” فتح الفضل“ شيخ عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جو ۽ ٻيو آهي ” قلمات قدسيه“ شيخ محمد عابد سنڌيءَ جو.

هن ڪتاب جي خوبي اِها آهي ته هن ۾ اصل متن پڻ شامل ڪيل آهن، جنهن ڪري هيءُ لُواريءَ واري سدائين جي مڪمل قولن تي ٻڌل ڪتاب  ته آهي پر ساڳي وقت  ان ۾ شرح به ڏنل آهي، ٻنهي ڪتابن کي سنڌي جي مشهور عالم مولانا حافظ محمد رمضان مهيريءَ صاحب ترجمو ڪيو آهي. انهيءَ سموري مواد جي تصحيح، تحقيق خاص طور تصوف بابت نهايت عالماڻو ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ڪئي آهي. هڪ نهايت اهم مقدمو پڻ لکيو آهي، جيڪو خواجه صاحب جي شخصيت، فڪر ۽ موجود قولن/ارشادات بابت هڪ پُر مغز مقالو/سوانح سميت اچي وڃي ٿو.

خواجه صاحب ظاهري طور سنڌ ۾ پنهنجي فڪري سڃاڻپ رکندڙ اهڙو عالم، تصوف جو ڄاڻو ۽ شاعر آهي، جنهن جو شمار سنڌ جي اعليٰ انسانن ۾ ڪري سگهبو.هيءُ ڪتاب جيئن ته خواجه صاحب جي قولن، چوڻين تي ٻڌل آهي جن جي تشريح پنهنجي وقت جي ٻن جيد عالمن جي ڪيل آهي ۽ عالمن وٽ قبول ڪيل آهي. هاڻ جڏهن انهن جو ترجمو هڪ وڻندڙ ۽ سانڍڻ جهڙي جلد ۾ گڏ ڇپيو آهي ته يقينن اهي عالم جيڪي عربي ۽ فارسيءَ واري دور کان پوءِ جا آهن يا  جن جديد ٻولي انگريزيءَ ۾ پنهنجي علم کي وڌايو آهي، اهي سنڌيءَ ۾ خواجه صاحب کي پڙهندا ۽ ان بابت ويچاريندا ته پڪ هو ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي لڳاتار محنت جي واکاڻ ڪندا. ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جي به جنهن هي نهايت اهم دستاويز سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ڪري سنڌ جي علم، فضيلت ۽ خاص طور تصوف بابت ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب شايع ڪري سنڌي ماڻهن جي علم ۾ اضافو ڪيو آهي. ٻيءَ طرح بورڊ جو ڪم به اهو ئي آهي.

هڪ ڳالهه پڪ سان اِها آهي ته هي ڪتاب هڪ جامع ڪتاب آهي، خواجه محمد زمان لُواريءَ واري جي قولن/چوڻين جو، جنهن طرح جو ڪتاب اڳ موجود نه آهي.

”معارف“ سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لُواريءَ وارو، جي نالي سان ڇپيل هي ڊبل ڪرائون سائيز وارو ڪتاب اصل متن توڻي سنڌي ترجمي سان ڇهه سئو اٺاسي صفحن تي پکڙيل آهي. پڪي جلد ۽ آفسيٽ پيپر تي ڇپيل هن ڪتاب جو مُلهه نَوَ سئو رپيا آهي، سنڌي ادبي بورڊ جا سربراهه ۽ ڪارڪن پڪ سان هن علمي ڪتاب ڇپائڻ تي جسُ لهڻن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے