21 بدھ , نومبر 2018

مون مونٽيسوري اسڪولن ۾ ٻارن ڏانهن والدين جو رويو ڪيئن ڏٺو

سبينه شهباز

ڪنهن زماني ۾ ٻارن کي مائٽ 6 سالن جي عمر ۾ اسڪول موڪليندا هُيا، هاڻي ٻار اڃان ڄائو ناهي ۽ ماءُ پيءُ ان جي اسڪول ۾ اڳواٽ داخلا ڪرائڻ لاءِ جتن ڪندا نظر ايندا آهن. ڪو وقت هوندو هو جو ماءُ جي هنج ئي ٻار جي دنيا هوندي هُئي. هاڻي ٻار اڃان مس ڏيڍ سال جو ٿو ٿئي ته والدين ان کي ان جي اسڪول موڪلڻ جي ڳڻتي اچي ورائي ٿي. اهو لاڙو خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ ڏاڍو وڌي ويو آهي.

مان اٽڪل 15 سالن کان ڪراچي جي مونٽيسوري سسٽم اسڪولن ۾ پڙهائيندي رهي آهيان. هيءُ سسٽم اڳ ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻي ڪراچيءَ ۾ اهڙا هزارين اسڪول آهن. مان جنهن اسڪول ۾ پڙهائيندي آهيان اهو ڪلفٽن ۾ آهي ۽ ڪلفٽن ۽ ڊفينس جا امير ماڻهون پنهنجن ٻارن کي داخل ڪرائڻ لاءِ سر جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار هوندا آهن ان لاءِ نه ته هو پنهنجن ٻارن جي تعليم لاءِ سنجيده هوندا آهن پر ان لاءِ جتن ڪندا آهن ته جيئن ماڻهون مٿن رشڪ ڪن، ته مار هيڏي وڏي اسڪول ۾ انهن جي اولاد کي ڪيئن داخلا ملي؟

جڏهن داخلا جي تاريخ جو اعلان ٿيندو آهي ته والدين جون سڪون حرام ٿي ويندو آ، وتندا هن ڊڪندا ڊوڙندا ته ڪنهن ته ڪنهن ٽاپ اسڪول ۾ داخلا ٿين ۽ داخلا ڪرائڻ جي ڏينهن جڏهن ايندا آهن ته چشمي کان وٺي جوتي تائين ڪو اهڙو brand نه هوندو آ جيڪو هو پائي نه اچن. ٻار، ماءُ جي هنج ۾ نه پر نوڪرياڻي جي هنج ۾ هوندا آ ۽ ماءُ پيءُ هٿ ۾ هٿ ڏئي ايئن اسڪول ۾ ايندا آهن، ڄڻ هني مون تي نڪتل هجن.

ٻار جو پهريون اسڪول ماءُ  هوندي آهي. جڏهن ماءُ پيءُ ٻئي آفيس وڃن ته ظاهر آ ته ٻار کي نوڪرياڻي سنڀاليندي ۽ نوڪرن جي هٿن ۾ پليل ٻار ڪهڙو هوندو تنهن جو اندازو توهان چڱيءَ طرح لڳائي سگهو ٿا. نوڪرياڻي ڪڏهن به ان ٻار جي ماءُ نه ٿي سگهندي. ماءُ ۽ پيءُ مان ڪو به گهر نه هوندو ته جيڪي ڪم نوڪرياڻي ڪندي ته ٻار به اُهو ئي سکندو.

منهنجو پنهنجو تجربو اهو آ ۽ مون ڏاڍو ان تي غور به ڪيو ته جيڪي ٻار ماءُ جي نظر هيٺ پلجن ٿا اهي وڌيڪ صاف سٿرا، اخلاق وارا ۽ پڙهڻ ۾ وڌيڪ سٺا هوندا آهن ۽ جيڪي ٻار نوڪرن جي هٿ ۾ پلبا آهن اهي تمام ضدي، گدلا، گاريون ڏيندڙ ۽ وڏي ننڍي کي ماريندي دير ناهن ڪندا!!

منهنجو ايترو مشاهدو آهي جو مان سيڪنڊ ۾ سمجهي ويندي آهيان ته ڪهڙو ٻار ماءُ پيءُ جي هٿن ۾ ۽ ڪهڙو ٻار نوڪرن جي هٿن ۾ پليو آ پر گهڻي قدر اهي پوش علائقن ۾ رهڻ وارا ماڻهون ايئن ظاهر ڪندا آهن جهڙوڪ ٻارن سان سندن سُر لڳي. پنهنجي گهر ۾ جي ٻار جو نرڙ به ڦاٽي پئيس ته خير آ پر جي اسڪول ۾ هلڪي رهڙ اچيس ته ايئن آسمان مٿي تي کڻندا جو الله معاف ڪري.

ٻار هروڀرو ڪنهن جي مٿان هٿ نه کڻندو آ، ان جو ڪو نه ڪو سبب هوندو آ جيڪو ان کي ڪنهن جي مٿان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪندو آ، جي ٻار کي ماءُ جي توجهه نه ملي هوندي ته ظاهر آ ته هو پنهنجي ڪاوڙ نوڪر تي ڪڍندو پوءِ نوڪر به ان کي ماريندو پوءِ هو اها ڪاوڙ ٻين ٻارن مان يا پنهنجن ماءُ پيءُ مان ڪڍندو.

هڪ ڀيرو منهنجي ڪلاس ۾ نئون ٻار آيو، ماڻس ان کي نوڪرياڻيءَ جي ڪڇ مان وٺي ڪرسي تي ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻار روئڻ شروع ڪري ڏنو، مون ان کي چيو ته توهان به پنهنجي ٻار سان گڏ ويهو. هوءَ ويهي رهي ٻار ڪاوڙ ۾ اچي ڀرسان ويٺل ماءُ کي ايڏي ته زور سان چماٽ هينئن جو ماڻس جا ماشا ڦري ويا. هوءُ شرمندگي ۾ ڪڏهن مونکي پئي ڏٺو ته ڪڏهن پنهنجي ٻار کي…. پوءِ پنهنجي شرمندگي تي پردو وجهڻ لاءِ چوڻ لڳي ته ڪاوڙ ۾ هيءُ ايئن ئي ڪندو آ.

ٻار ڪڏهن نانيءَ جي در تي ته ڪڏهن ڏاڏيءَ جي در تي رهندو وتندو آ نه ماءُ جو پيار نه پيءُ جو ناني ڏاڍي جي عمر  ٻارن پالڻ جي نه هوندي آ پوءِ وري هو نوڪرن جي حوالي.

مون کي ياد آ ته گذريل سال مون هڪ ٻار جي ان ماءُ سان ڳالهائيندي چيو ته تنهنجي ٻار کي مارڻ جي عادت آ، هن مونسان ٻه ڪلاڪ بحث ڪيو ته مون پنهنجي ٻار کي اهڙي ريت پاليو آ راتيون جاڳي پاليو آ، سو ان جو خيال رکجو وغيره.

ٻيو ڪارڻ جيڪو ٻار کي بدتميز ۽ ضديرو ڪندو آ اهو ماءُ پيءُ جو پاڻ ۾ نه ٺهڻ، جنهن جو انت علحيدگي يا طلاق هوندو آهي، جڏهن ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ جي وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙا ڏسندو آ ته ڀلي ٻار ڳالهائڻ ٻولهائڻ جيترو نه هجي پر ان جي ذهن ۾ اهي ڳالهيون رهنديون آهن جيڪي هن جي نفسيات تي تمام گهرو اثر وجهنديون آهن. ماءُ جي هنج جي گرمي ۽ ان جي هڪ مرڪ ٻار لاءِ جادوءَ جهڙو اثر رکندي آ.

ٻاهر ڪم ڪندڙ ماءُ پيءُ جو چوڻ هوندو آهي ته اسان سڄي ڄمار ان ڪري پڙهياسين ته جيئن اسان پنهنجي ڪيريئر کي اڳتي وڌايون ان ڪري نه جو ٻار ويٺا پاليون ۽ بس.

والدين کي وري اها ڳڻتي کائيندي آهي ته مونٽيسوري اسڪول ختم ٿيڻ کان پوءِ (جيڪو چئن سالن تائين هوندو آ)، وري انهن جي ڪنهن ٽاپ جي اسڪول ۾ داخلا ملي ته جيئن هو پهرين ڪلاس (Class I)  ۾ اچي ان ڪري هو ٻارن کي جيڪي مس 4 سالن جا ٿي ويندا آهن مختلف ٽيوشن ڏيارڻ شروع ڪندا آهن، ذهين ٻار ته اهو ذهني دٻاءُ برداشت ڪري ويندا آهن پر جيڪي ٻار پڙهائي ۾ ٿورڙا جڏا هوندا آهن سي ڏاڍا ضدي ۽ چيڙاڪ ٿي پوندا آهن، ايڏو پريشر به نه کڻي سگهندا آهن پر مائٽن جو زور ٽيوشن تي هوندو آ.

مونٽيسوري سسٽم تمام بهترين سسٽم آهي ان سان ٻار تمام هوشيار ٿي نڪرندا آهن هنن جو ذهن تمام تيز ٿي ويندو آهي. بشرط ماءُ پيءُ انهن تي ٿوري نظر رکن، مان اهو نٿي چوان ته ماءُ پيءُ نوڪري نه ڪن ۽ ڪيريئر نه ٺاهن پر جي هو ان سان گڏوگڏ ٻار کي ڏينهن ۾ ڇڙو هڪ ڪلاڪ به ڏين ته هو دنيا ۾ هڪ چڱو انسان ٿي پوندو. ڇو جو ماءُ پهريون تعليمي ادارو هوندو آ، ماءُ ٻارن جي بنياد هوندي آ، بڻ بنياد صحيح هوندو ته ٻار به صحيح.

ٻارن کي موبائيل ۽ ٽيبليٽ جهڙيون شيون ڏئي والدين سمجهندا آهن ته ڪجهه دير لاءِ سندن جان ڇٽي پوندي پر اهو نٿا ڏسن ته ان جي دماغ ۽ نظر تي ڪيترو غلط اثر ٿو پئي. ٻار هڪ ڪنڊ ۾ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ فون يا ٽيبليٽ تي ڇا ٿو ڏسي. ننڍي هوندي اسان اهو وقت کيڏڻ ۽ ڀڄڻ ڊڪڻ ۾ گذاريندا هياسين، وقت تي ماني ۽ وقت تي آرام، ماءُ جي هٿن سان ماني کائڻ هوندو، هاڻي ان جي جاءِ برگر ۽ پيزا ورتي آ، هاڻي صديءَ پراڻيون ڳالهيون لڳنديون آهن، جڏهن موبائيل ذريعي ڪهاڻي ٻڌائڻ بدران ماءُ پاڻ ٻڌائيندي هئي، الله سائين ماءُ جي پيرن جي هيٺان جنت رکي آ، ان جو درجو تمام وڏو ان ڪري رکيو اٿائين ته ماءُ تڪليفون سهي اولاد کي جنم ڏيندي آ ۽ پاڻ کي تڪليفون ڏئي سندس پالڻا ڪندي آ، ياد رکو ته هڪ قابل انسان جي پويان ان جي ماءُ جو وڏو اهم ڪردار هوندو آ.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے