21 بدھ , نومبر 2018

ٺڪر جي ٿانون کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت

سڪينه امام

انسان جي وجود جي رچنا جيئن ته مٽي مان ٿيل آهي. ان ڪري ان جو مٽي ۽ مٽيءَ مان ٺهيل شين سان جڙڻ هڪ فطري عمل آهي. جيئن ڪنهن شاعر چيو ته :

واهه واهه مٽي حڪم ڪريندي هزار

گهوٽ مٽي دا

ڄڃ مٽي دي

مٽي دي بڻي اي ڪنوار

ڪلها مٽي دا

چلها مٽي دا

مٽي دا بڻيا اي سنسار

واهه واهه مٽي حڪم ڪريندي هزار….

هن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ انسان پنهنجي اوسر جا مختلف مرحلا طئي ڪندو جيئن جيئن اڳتي وڌيو آهي ته ان جي شعور به وقت سان گڏوگڏ ترقي ڪئي آهي. جيئن هن وڻن جي پنن سان پنهنجي جسم کي ڍڪيو، وڻن جي پنن کي هو کائيندو هو. ٻن پٿرن کي گَهي ان مان باهه پيدا ڪئي پوءِ هن ان باهه تي مختلف کاڌا پچايا، جسم ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ٺاهيائين پنهنجو پاڻ کي تفظ ڏيڻ لاءِ جهڳيون ٺاهيائين ۽ جهڳهين مان وري پڪ اگهر ٺاهيائين تيئن ئي ٺڪر جي ٿانون جو به انساني اوسر ۽ ترقي سان گهرو رشتو رهيو آهي. پهريان هن مٽي جا ڪچا ٿانو ٺاهيا پوءِ ان کي وقت گذرڻ سان ”آوي“ ۾ پچائي پڪو ڪيائين ۽ پنهنجي لاءِ آساني پيدا ڪيائين ۽ صديون پڄاڻان به اهي ٺڪر جا ٿانو اڃا تائين اسان سان گڏ هلندا اچن توڙي جو دنيا ۾ هينئر ڪيترن  قسمن جا ٿانو آيا آهن جنهن ۾ چيني، ميلا مائين، اسٽيل، پتل، ٽامو، ايلو مينيم وغيره.

پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪي به قديم آثارن جون کوٽايون ٿيون آهن مثلن مهين جي دڙي جي کوٽائي يا ان کان علاه ٻيون کوٽايون، انهن سڀني مان ٺڪر جا ٿانو مليا آهن.

سنڌو سڀيتا جي ماڳن مان لڌل ٿانو:

سنڌو سڀيتا مان ٺڪر جون مختلف شيون مليون آهن جن ۾ پاٽوڙو، پات، ڏيئا، ڄاٽيون، پارا، دلا، دليون، ڪنيون، ڪونئر، ٺڪر جا گلاس، ڪپا، اکري، ڪونئرو، گهگهيون، ڍڪڻ، سُلفي، حقو، ٺڪر جي سرميداڻي، هنڍي،ڍڪڻيون، ڪڙي وارا جڳ، دکي، ڪنگري يا ٽڀو، مٺاڻ کائڻ جي پيالي، شراب جي ڪپي، غليل جا ڳوڙها، مصالحا پينهڻ لاءِ سر ۽ روهڙو، ٻار جي ويهڪڙي يا وهنجارڻ واري ڪوناري، چاڏي، هار سينگار جون شيون، ڀانڊار (ٻهراڙي جي ٻارن جون بئنڪون) جنهن ۾ ٻار بچت ٽاري رکندا هئا. بطنو، گلدان، ٺڪر جي تسري، ڪاشي سان چُٽيل مختلف شيون ٺڪرن جا ڳهه جيڪي مرد به پائيندا هئا. ٺڪر جون چوڙيون، ڪنگڻ، ڦليون، هس، ڪوڪن جا نمونا، ٻارن جا رانديڪا، روهي، گندڙا جن ۾ ماڻهوان ڀري رکندا هئا.

وقت گذرڻ سان گڏ ٺڪر جي ٿانون ۾ جدت آئي آهي پر  ان ۾ اڃا به وڌيڪ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. ٺڪر جي ٿانون جي خوبي اها آهي ته اهي ڪيميڪل کان پاڪ آهن ۽ فطرت جي ويجهو آهن. هنن جي استعمال سان ماڻهو ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهي ٿو يا کڻي انگريزي ۾ چئجي ته ان جا ڪي سائيڊ افيڪيٽ ناهن پر جيئن جيئن وقت گذري پيو ته ٺڪر جي ٿانون جي اهميت گهٽ ٿيندي ٿي وڃي. مون کي ياد آهي ته جڏهن اسان ننڍا ٻار هوندا هئاسين ته ڳوٺ ۾ ڏسندا هئاسين ته هر گهر ۾ گهڙاونجي تي دلا ۽ مٽ رکيل هوندا هئا. جن ۾ گرمي ۾ جهولا لڳڻ سان پاڻي وڌيڪ ٿڌو ٿيندو هو. پاڻي پيئڻ لاءِ ماڻهو مٽي جا وٽا ۽ ڪپيون استعمال ڪندا هئا.

هن وقت ٺڪر جي ٿانون جو ڪنڀارڪو ڌنڌو زوال پذير ٿي رهيو آهي. ڪنڀر بکون ڪاٽي رهيا آهن ڇو ته ٺڪر جي ٿانون جو وڪرو گهڻو نه ٿو ٿئي. ٺڪر جي ٿانون کي ڇڏي اسان پلاسٽڪ ۽ ميلا مائين جا ٿانو استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي لاءِ مختلف بيمارين کي سڏ ڏئي رهيا آهيون. ڪنڀرن کي هن مهل سرڪار جي مالي سهائتا ۽ سرپرستي جي ضرورت آهي. انهن ڪنڀرن کي شهرن طرف سپر هاٰءِ وي تي آڻي انهن کي جاءِ ڏئي ڪم ڪرڻ جا موقعا ڏنا وڃن ته جيئن هو پنهنجي ڪم ۾ نواڻ آڻي نيون شيون ٺاهن مسئلن ڊنر سيٽ ٺڪر جا ٺهن جن جو ماڻهو عام استعمال ڪن. تحفا ڏين، شادين ۾ ڏين، چانهه جا سيت، پيالا، عام استعمال لاءِ انهن کي مختلف ڊزائن ۽ ڪلرن سان خوبصورت ٺاهن ته انهن کي آهستي آهستي عام ڪجي ته جيئن ماڻهو معمول تحت استعمال ڪن. پاڻ کي بيمارين کان بچائين، ان کان علاوه ٺڪر جا خوبصورت ڊيڪوريشن جا نمونا ۽ ٻيون مختلف شيون ٺاهي ٻاهرين ملڪن ڏانهن اماڻيون وڃن ته پرڏيهه ۾ هنن جي هنر کي ڏٺو ۽ پسند ڪيو وڃي. شيون عام ٿين، انهن جو وڪرو وڌي ڪنڀر مالي طور مضبوط ٿين. جيڪڏهن اسان مهين جو دڙو کان هيل تائين جيڪي به اسان وٽ ٺڪر جون شيون آهن انهن کي شهرن ۾ به استعمال ڪريون ۽ پنهنجي گهرن کي وڌيڪ خوبصورت بڻايون مثلن توهان هڪ خوبصورت گهڙاونجي ٺهرائي ان تي ڪو خوبصورت مٽ رکو ته اهو هڪ خوبصورت ڊيڪوريشن  Piece وانگر لڳندو.

ميڊيا به ان سلسلي ۾ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري ته ٺڪرن جي ٿانون ۾ کائو ۽ پيئو، پاڻ کي بيمارين کان بچايو ته جيئن ڪنڀرڪي ڪم کي هٿي ملي ۽ ڪنڀر مالي طور پاڻڀرا ٿي سگهن. مان پاڻ به ڪراچي جي شهر ۾ ڪني جو استعمال ڪندي آهيان. دال، گوشت، پالڪ ۽ پلي جو ساڳ ان ۾ وڌيڪ ذاتي دار ٿيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے