12 پیر , نومبر 2018

سنڌ جو ڪيس ۽ مُنجهل موڙ تي بيٺل نوجوان…!!

قيوم سروهي

انسان خواهشن جي پيداوار آهي ۽ اهو دنيا ۾ خواهشن جا الائي ڪيترائي مڻ کڻي اچي ٿو، اهي ئي خواهشون سندس جسم تي مڻ مٽي جا پوڻ تائين ساڻس گڏ رهن ٿيون، هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ته جيڪر مان ملڪ جو بادشاهه هجان ۽ پوري قوم تي پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهيان، حڪم جاري ڪيان ته سڄي ملڪ ۾ ٿرٿلو مچي وڃي، وڏو پروٽوڪول هجي، سلوٽن جا ٽڙڪا هجن، منهنجي زبان مان نڪتل لفظ آخري هجن، مان ڳالهايان ته دنيا ٻڌي، ٻيو ڪير اهڙو نه ڳالهائي جيڪو منهنجي شان خلاف هجي، يا جيڪر مان علم ذريعي تواريخ جي آسمانن کي ڇهي وٺان، ڪيترن نوجوانن جون خواهشون ملڪ يا خطي جي ترقي لاءِ به ذهن جي پٽڙي تي ڊوڙنديون رهنديون آهن، ناداني ۾ ڀلي ڪهڙيون به خواهشون هجن پر شعور بعد پيدا ٿيندڙ خواهشون، سماج، وقت ۽ حالتن سان گڏ مٽجي وينديون آهن، جيئن سنڌ جي شعور جون خواهشون تبديل ٿي چڪيون آهن.

سنڌ اهڙي سرزمين آهي، جنهن غربت، مفلسي ۽ احساس محرومي جي زندان ۾ جڪڙيل ڪيترن ئي شخصيتن کي انقلابي بڻائي ڇڏيو، جيڪي ڏاهپ ۽ عقل ذريعي پنهنجن ڪجهه خواهشن کي عملي جامو پارائڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويا، ملڪ تي بادشاهت به هلايائون ۽ اهڙا ڪارناما به سرانجام ڏنائون، جن کين تواريخ ساز بڻائي ڇڏيو، ذوالفقار علي ڀٽو به سنڌ جي مٽي مان پيدا ٿيل هڪ اهڙو عظيم ليڊر هو، جنهن ماڻهن کي زبان ڏني، حق وٺڻ لاءِ هماليه جيڏو حوصلو ڏنو، ملڪ کي آئين ڏنو ۽ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪري ويو ته پاڪستان کي آئين، سنڌ جي ڏاهي ڏنو، زيتونن جي شهر جي اها پنڪي هئي، جنهن آمريت جي  پهاڙن سان مهاڏو اٽڪايو، جمهوريت جي ڪيرايل الم کي بلند ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو سفر ڪيو ۽ آخر سڦلتا حاصل ڪري حڪمراني جو تاج پاتو، سڄي دنيا ۾ الڳ مقام ماڻيو، هي سنڌ جو اهو شعور هو جيڪو انهن اندر موجود هو، اڄ کان ڪجهه ڏهاڪا پهرين سنڌ اهڙي عظيم نظريي سان آشنا هئي، جنهن شخصيتن جي ذهني، شعوري ۽ علمي تربيت ڪري انهن کي زندگي جي هر شعبي ۾ مانائتي جاءِ بخشي.

اڳ نظريو ته هوندو هو پر ليڊر گهٽ پيدا ٿيندا هئا، هاڻي موسمي ڏيڏرن کان وڌيڪ ليڊر آهن پر نظريو ڪونهي، جيڪا اسانجي هن وقت جي تمام وڏي بدقسمتي آهي. اڳ سنڌ جي ماڻهو وٽ آواز جي اُڏام نه هوندي هئي پر شعور جي آسمانن تائين پهچ هئي، هاڻي زبان ته بي لغام گهوڙي جيان پئي هلي پر شعور کي وقت جي حالتن لتاڙي ڇڏيو آهي، سنڌ هڪ اهڙي منجهيل موڙ تي اچي بيٺي آهي، جتي شعور جاِ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.

اڄ سنڌ جي نوجوان جي حالت هڪ اهڙي مسافر جيان آهي، جنهن کي منزل جي خبر ئي نه هجي، هو نماڻن اکين سان لتاڙجندڙ رستن کي ڏسندو ۽ سوچيندو رهي ٿو ته آخر هي سفر ڪٿي کٽندو، نه منزل آهي نه سفر جي رهنمائي، سڀ ڪجهه تبديل ٿي چڪو آهي، نه ملڪ تي بادشاهت جي خواهش، نه وري شعور ۽ علم ذريعي تواريخ بڻجڻ جي اميد، اڄ جو سڀ کان وڏي ڪاميابي سرڪاري نوڪري کي تصور ڪيو وڃي ٿو، اهي نظرياتي اڳواڻ ئي ناهن رهيا، جيڪي شاهڪار ۽ شعوري سرزمين جي ڀٽڪيل نوجوان کي رستو ڏين، ملڪ ۾ هلندڙ ٺڳي جي سياست، سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي جي رويي، نظرياتي اڳواڻن جي کوٽ، معياري درسگاهه جو تباهه ٿيڻ ۽ ٻيا ڪجهه اهڙا اهم مسئلا آهن جن سنڌ جي نوجوانن جي مقصدن، خواهشن ۽ شعور کي چٿي سندن سوچن کي نوڪري تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انڌي ڪاڻي نوڪري ئي نوجوان جو مقصد ۽ خواهش بڻجي وئي آهي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي تعليمي ڏاڪن کي پار ڪري ايندڙ سنڌ جو نوجوان پٽيوالي لاءِ به ڊگرين جا ڍير کڻي سرڪاري دفترن ۾ ڌڪا کائڻ تي مجبور آهي، نوڪرين ڏانهن ايندڙ دڳ سنڌين لاءِ بند ڪيا ويا آهن، قابليت ۽ ٽيلينٽ هجڻ باوجود سنڌي نوجوان لاءِ سرڪاري اعليٰ عهدا وڪري لاءِ آهن، جيڪا ڪو پئسي وارو ماڻهو ئي ماڻي سگهي ٿو، لوئر ڪلاس جون نوڪريون به پئسن کانسواءِ ملڻ هڪ ديواني جي خواب کان گهٽ ناهن، شاهوڪار سنڌ جا غربت جي لڪيرن ۾ لڙهندڙ نوجوان ڊگريون هجڻ باوجود ڪشالا ڪري ۽ پيٽ کي بکون ڏئي پڙهائيندڙ مسڪين والدين جا خواب ساڀيان نٿا ڪري سگهن، نه پئسن کانسواءِ ڪا نوڪري سندن قسمت بڻجي سگهي ٿي ۽ نه وري کين ڪي نظرياتي اڳواڻ هٿ لڳن ٿا، جيڪي کين مسئلن جي ڌٻڻ مان نڪرڻ ۾ سندن مدد ڪن.

سنڌ جي اِها به وڏي بدقسمتي رهي آهي ته، سياست، ادب، صحافت سميت ٻين شعبن ۾ تواريخ ساز شخصيتن سنڌ سان وفا ناهي ڪئي، جن اڳواڻن کي زندگي جي تلخ تجربن  ۽ وقت مان سکيل سبق پنهنجي ايندڙ نسل تائين پهچائي سندس ذهني ۽ شعوري اوسر ڪرڻي هئي، انهن پنهنجي ان ذميواري کي ضروري نه سمجهيو، جنهن پڻ سنڌ کي گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، آخر اڄ جي ڀٽڪيل نوجوان جي خوابن کي ڪنهن جي آسري ڇڏجي؟ پاڻ کي اڄ جا دانشور ۽ ليڊر ته اهڙن لٻاڙين جيان لڳندا آهن، جيڪي هڪ جيڏن ۾ ويهي پنهنجن وڏن جا ڪارناما ٻڌائي داد حاصل ڪندا آهن.

هن بيت وانگر..

پاڻ نه سڌرن ساراهن نانا ڏاڏا،

اهڙا وائي آنا ڪڪڙ ڪيئي ڪيرائي ڇڏيا !

اسانجا دانشور مستقبل جي معمارن کان ڪوهين ڏور بيٺل آهن، نظريو نه هجڻ ڪري هو ڪجهه ڪري يا ڏئي به ڇا ٿا سگهن؟ ملڪ جي مستقبل جي معمارن جي ترقي جا نعرا هڻندڙ سياستدان ته اڳ ئي اڻبرابري ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري نوجوانن جا حوصلا پسپا ڪري چڪا آهن، پئسن تي ملندڙ نوڪرين کي سنڌ جو غريب پڙهيل لکيل نوجوان حاصل ڪرڻ کان محروم آهي پر جاهل وڏيرن جي درن تي ڪيترائي وڏا عهدا سلامي پيا ڀرين، اهڙي صورتحال سنڌ جي ٽيلينٽڊ ۽ پڙهيل لکيل نوجوان لاءِ احساس محرومي جو شڪار ٿيڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي ڇڏيو، اهڙن نوجوانن کي هڪ طرف سندن غريب والدين پاران تعليم تي ضايع ڪيل پئسي جي ڳڻتي ڳاري ٿي ته ٻئي پاسي قابليت، تعليم ۽ ڊگرين باوجود ڪوبه خواب پورو نه ٿيڻ جو ڏک وڍ وجهي ٿو، جڏهن ته انهن جو ڪوبه ڏوهه ناهي هوندو، صرف غربت ئي هجي ٿي جيڪا کين ذلتن جو بار کڻڻ تي مجبور ٿي ڪري، هي سنڌ جي نوجوان جو اهڙو حقيقي ڪيس آهي، جنهن کي نه ڪا عدالت ٻڌڻ لاءِ تيار آهي نه وري ڪو وڪيل ٿيڻ ٿو چاهي، بند فائل بڻجي ويل هن گونگي ڪيس جي شنوائي جي اميد سان جهيڙيندي ڪيترائي نوجوان زندگي کان ئي هارائي ويا ته ڪن وري پاڻمرادو حياتي کي فُل اسٽاف ڏئي، هميشه لاءِ پاڻ کي ذلتن جي حاضرين کان آجو ڪري ڇڏيو، ملڪ جي حاڪمن جي زيادتين سبب ڪومائجي ويل زندگين جو حساب ڪنهن کان وٺجي، آخر ڪير ايندو جيڪو سنڌ سان انصاف ڪندو، پوري ملڪ جي معشيت جي گاڏي کي هلائيندڙ ڌرتي سان ظلم خلاف ڪير آواز اٿاريندو؟.  وفاق تي قابض وڏي صوبي جي ڏاڍ کي ڪير ٽوڙيندو؟

سنڌ جي شعور ۽ اهليت جو جيڪو قتل ٿيو آهي، اهو تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، هڪ ڊگهي فهرست آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شعور جا مقتول شامل آهن، جن جا قاتل وقت جا حاڪم رهيا آهن، انهن مان هڪ سنڌ جي هيري جو ڪيس سرفهرست آهي، عبدالله بروهي جو ڪيس هڪ اهڙو ڪيس آهي، جنهن مان ان وقت جا حاڪم هونئن ته آجا آهن پر پنهنجي ضمير، تاريخ جي عدالت مان ڪڏهن به جان نه ڇڏائي سگهندا، هو گِهلبا رهندا. تاريخ جي ڪورٽ ۾، عبدالله بروهي سنڌ جو فخِر هو/آهي، عبدالله بروهي ٽي ڀيرا سي ايس ايس جي چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪيو، نه صرف امتحان ڪليئر ڪيائين، پر پاڪستان جو سڀ کان گهٽ عمر ۾ سي ايس ايس پاس ڪرڻ جو به اعزاز ماڻيائين پر وقت جي حاڪمن کيس نوڪري نه ڏني، سي ايس ايس پاس ڪرڻ جي هيٽرڪ ڪندڙ پنهنجي قابليت تي عبور رکندڙ هن سنڌي نوجوان کي بدلي ۾ ملي ته بلڊ ڪينسر جي خطرناڪ بيماري، جنهن سندس سموري وجود ئي جهوري وڌو، آخرڪار تعليم ۽ دنيا جي تاريخ جا جام پيئندڙ نوجوان غربت سبب موذي مرض سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ حسين جواني ۾ سموري قابليت ۽ سرٽيفڪيٽ هتي ڇڏي مسافري جي موت مري ويو.

ڪيترائي عبدالله بروهي جهڙا ڪردار سنڌ جي جهولي ۾ آهن، جيڪي تاريخ جي ڪورٽ ۾ فريادي آهن پر هي سڀ ڳالهيون، سور ۽ حقيقتون ڪنهن جي آڏو رکجن، انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن آڏو ڪهڙو روئجي؟ سنڌ جو ڪيس وقت تي ڇڏجي ٿو، ڏسون ته اهو ڪهڙو ٿو انصاف ڪري، اڃا به انتظار ڪريون ٿا ته ڇا وقت سنڌ جي حقن ۽ شعور کي چٿيندڙن جو احتساب ڪري ٿو يا نه.؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے