13 منگل , نومبر 2018

نيوز |جهڏو: محرم الحرام دوران چڙڏياريندڙ تقريرن تي پابندي هوندي: ڊي ايس پي مجاهد شاهه

Jhudoجهڏي ۾  جھڏو ٿاڻي تي محرم جي مهيني دوران امن امان برقرار رکڻ ۽ مجلسن ۽ جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ  اجلاس  ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت  ڊي  ايس پي مجاهد شاهه ڪئي.

اجلاس ۾ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شڪيل احمد قائمخاني، افتخار گاندهي، ٽنڊي جان محمد، جھڏي ۽ نئين ڪوٽ جي ايس ايڇ او  شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾  قاري افتخار احمد، سيد ذوالفقار شاھ، لالا غلام رسول، ولي محمد رند، حاجن لغاري، واپڊا عملدارن، ڪيبل آپريٽرن پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊي ايس پي جھڏو سيد مجاهد علي شاھ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايتون ڪندي چيو ته محرم دوران ڪيبل تي انڊين فلمون ۽گيت نھ ھلايا وڃن  ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطوآندو وڃي .

اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ عملدارن امن امان برقرار رکڻ ۽ ڪنهن به قسم جي اڻ وڻندڙ واقعن کي روڪڻ جو يقين ڏياريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے