17 ہفتہ , نومبر 2018

ڏندن لاءِ نقصانڪار خوراڪون

Diminished Foods for Dentalڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڇا توهان اڪثر ڪيويئٽيز،  هوڙ جي بيماري، ڏندن جي سونهن يا انهن تي اڻ وڻندڙ داغ جو شڪار ٿي ويندا آهيو؟ تو پوءِ توهان پنهنجي خوراڪ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.ٿي سگهي ٿو ته توهان اهڙي خوراڪ استعمال ڪري رهيا آهيو يا سخت شين کي چٻاڙي رهيا آهيو جيڪي ڏندن جي سطح کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجن ٿا. ڏندن تي برش ۽ خلال سان گڏوگڏ ڪجهه خوراڪ جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻ ۽ صحت مند ڏندن لاءِ تمام گهڻو ضرروي آهي.

ٽافيون

سخت ٽافيون کنڊ سان ڀرپور هونديون آهن جيڪي ڏندن تي گندگي ۽ جراثيمن جي اجتماع جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيئن ته اهي سخت هونديون آهن انهن کي ٽوڙڻ لاءِ ڏندن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي جنهن سان ڏندن جي سطح کي نقصان پهچي سگهي ٿو ، انڪري ان جي استعمال ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.

ڪافي يا چانهه

چانهه يا ڪافي کي جيڪڏهن کنڊ وجهي پيتو وڃي ته ان سان ڪيوئٽيز جو امڪان وڌندو آهي، خاص طور تي ڪافي منهن کي خشڪ ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي، اهڙي طرح انهن جو گهڻو استعمال ڪرڻ سان ڏندن تي داغ ٿيڻ جو خطرو پڻ وڌندو آهي.

مٺا شربت سوڊا ڏندن تي جراثيمن جي شرح تمام گهڻو وڌائڻ جو سبب بڻنجدي آهي جيڪا ڏندن جي سطح تي حملو ڪندا آهن. اهو منهن کي خشڪ ڪرڻ جو سبب بڻجندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن شربتن جو استعمال لعاب دهن جي پيدوار کي ڪمزور ڪندو آهي جڏهن ته ڏندن تي داغ پڻ پيجي ويندا آهن.

چپس

اها چپس نه رڳو جسماني وزن ۾ اضافي جو سبب بڻجندي آهي پر ان موجود  نشاسته منهن تي وڃي کنڊ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي جيڪا ڏندن جي وچ ۾ ڦاسي پوندي آهي، جنهن سان جراثيمن جي مقدار ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو آهي.

سگريٽ پئيڻ

سگريٽ پئيڻ پڻ ڏندن لاءِ نقصانڪار آهي جيڪو ڏندن کي زرد ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي، ان سان گڏوگڏ ئي اها عادت هوڙ ۾ بيڪٽريا جي شرع وڌائڻ ۾ نمايان واڌ ڪندي آهي.

انرجي ڊرنڪس

سوڊي وانگر انرجي ڊرنڪس ۾ تمام گهڻي تيزابيت ۽ کنڊ هوندي آهي جيڪا ڏندن جي تباهي جي رفتار ۾ وڌارو ڪدني آهي. انکانسواءِ انرجي ڊرنڪس ڏندن تي داغ پڻ وجهي ڇڏيندي آهي ۽ ان جي گهڻي استعمال سان ڏند گرم يا ٿڌا مشروبات لاءِ تمام گهڻو حساس ٿي ويندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے