20 منگل , نومبر 2018

هيواوي پاران  هڪ ٻيو 4 ڪيمرائن وارو سمارٽ فون متعارف

Huawei introduces another 4 camera smartphoneڪراچي(ويب ڊيسڪ) هيواوي پنهنجو ميٽ 20 سريز جو 4 ڪيمراائن وارو لائٽ ويزن متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ حيران ڪندڙ طور تي اهو نئون فليگ شپ ميٽ 20 کان هڪ مهينو اڳ ئي پيش ڪيو ويو آهي. ميٽ 20 لائٽ فيچرن جي لحاظ کان هڪ مڊرينج فون آهي جنهن ۾ 6.3 انچ جو ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ آهي. هڪ ڪيمرا 20 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻيو 2 ميگا پڪسل سان گڏ آهي جيڪا ٻاڙي پس منظر واري پورٽريت شاٽ کي وٺڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. فرنٽ تي متاثر ڪندڙ 24 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي جڏهن ته ٻي ڪيمرا 2 ميگا پڪسل آهي جيڪا Bokeh  ايفيڪٽ ۾ مدد ڏيندو آهي. ڪمپني موجب ميٽ 20 سريز جي لائٽ ويزن کي ڏيڍ مهينو اڳ متعارف ڪرائڻ جو مقصد ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ آهي ته جيڪڏهن ته لائٽ ويزن اهڙو آهي ته ميٽ 20 ڪيئن هوندو. هي فون 379 برطانوي پائونڊ ۾ وڪرو ڪيو ويندو جيڪو ايشيائي ملڪن ۾ يقينن ڪافي وڏن اگهن ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي هيواوي جو نئون فليگ شپ فون ميٽ 20 ايندڙ مهيني 16 تاريخ تي متعارف ڪرايو ويندو. ان جو اعلان ڪمپني جي طرفان آءِ ايف اي ٽيڪنالوجي نمائش دوران ڪندي ٻڌايو ته اهو فون 16 آڪٽوبر تي پيش ڪيو ويندو. ان فون لاءِ جيڪا تصوير ڪمپني ٽيزر طور پيش ڪئي آهي اها حيران ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڊيوائس بيزل کانسواءِ نظر اچي رهي آهي. مختلف افواهن موجب ميٽ 20 ۽ 20 پرو سمارٽ فون ان ايونٽ ۾ پيش ڪيا ويندا جن ۾ پرو ويزن 6.9 انچ ڊسپلي سان هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے